ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ فائرنگ جي ٻن مختلف واقعن ۾ پوليس ۽ ايف بي آر جا 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ڊي پي او ڊي آءِ خان ضياءُ الدين احمد موجب، اڀايا پل ڀرسان هٿياربندن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ايف بي آر جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ضياءُ الدين احمد جو چوڻ آهي ته لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.
پوليس موجبم، فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ٻن اهلڪارن جو تعلق ايف بي آر سان مستقل ملازمن طور هو، جڏهن ته ٻه ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا.
ٻئي پاسي بنون روڊ تي ٽريفڪ پوليس جي موبائل تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
ڊي پي او ضياءُ الدين احمد ٻڌايو ته ايف بي آر اهلڪارن ۽ ٽريفڪ پوليس کي ڊيوٽي دوران نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ خان شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.
You might also like