خيرپور رياست جو آخري حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور رياست جي آخري حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر جي جنازي نماز ڪوٽڏيجي ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز علامه شهنشاهه حسين نقوي پڙهائي، جنهن ۾ مير علي مراد خان ٽالپر جي خاندان، ضلعي انتظاميا جي عملدارن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز ۾ مير علي مراد خان ٽالپر جي ٻن پٽن سميت ٻين معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز کانپوءِ مير علي مراد خان ٽالپر جي تدفين ڪوٽڏيجي ۾ ڪئي وئي.

You might also like