احتجاج يا ڳالهيون؟ وزيراعظم پي ٽي آءِ اڳيان شرط رکي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تحريڪِ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪندئو ته اوهان سان ڳالهائينداسين.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڍائي سالن جي محنت ۽ ٽيم ورڪ ذريعي ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو، جڏهن ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام وڏي ڏکيائي سان حاصل ٿيو.
هن چيو ته اها قوم جي خواهش ۽ هر پاڪستاني جو آواز آهي ته پاڪستان کي عظيم بڻايو ويندو، پر بدقسمتي سان ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اسان جون ڪوششون ڪارگر ثابت نه ٿي سگهيون.
وزيراعظم چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو عمل جاري آهي ته ٻئي طرف احتجاج سبب برآمدات، درآمدات ۽ مينوفيڪچرنگ واري شعبي کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست جو پهريون نشانو معيشت بڻجندي.
شهباز شريف چيو ته ڇا ترقي جي ڦيٿي کي ٻيهر جام ڪرڻ ملڪ دشمني ناهي؟ هوش کان ڪم وٺو ۽ ڌرڻا ختم ڪريو. ڇا اوهان پاڪستان جي عالمي ساک کي نقصان پهچائڻ چاهيو ٿا؟ مارچ ۽ ڌرڻا ختم ڪندا ته اوهان سان ڳالهائينداسين.

You might also like