معصوم آسيه جو بي رحماڻو قتل ڏکوئيندڙ واقعو آهي: سڪندر شورو

سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شورو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بدامني معصوم آسيه  جو بيرحماڻو قتل انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي هن چيو ته مون وارثن سان ملاقات ڪري ايس ايس پي ڄامشورو سان ڳالهايو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن  کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي پوليس خلاف ڪافي شڪايتون مليون آهن جن بابت اعلي اختيارين سان به ڳالهائيندس اڳ به پوليس ڪافي معاملا فوري طور حل ڪيا هئا ايس ايس پي يقين ڏياريو آهي ته آسيا  جي وارثن جلد ئي انصاف ٿيندو ڪافي شڪايتون مليون آهن ته شهري فرجن پيا ان بابت به ايس ايس پي کي چيو اٿم ته امن امان کي يقيني بڻايو وڃي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ جيڪو ٿيو ان جي مذمت ڪريان ٿو ان وقت موجود ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊي جي سان شڪايت ڪيم ته فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن تي عمل پڻ ٿيو آهي ايڏي اسپتال ۾ غفلت ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪوشش آهي ته مسقبل ۾ ان قسم جي ڪوتاهي نه ٿئي اڳ به ڪوشش ڪئي اٿئون ته ادارن کي بهتر ڪجي هاڻ به ڪوشش ڪندس ان لاءِ  اعلي اختيارين سان پڻ ڳالهائيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.