آءِ ايم ايف پئڪيج بابت صوبن سان صلاح مشورا ڪيا ويندا: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته 14 اپريل تي واشنگٽن وڃي آءِ ايم ايف سان نئين پئڪيج  بابت ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير دعويٰ ڪئي ته مهانگائي آهستي آهستي هيٺ ايندي. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جو ايندي ته پاليسي ريٽ ۾ پڻ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته وفاق ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو، اهو صوبن جي مشاورت سان ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته سعودي ولي عهد ملاقات انتهائي مثبت رهي، هن ان ڳالهه کي ورجايو ته هو سيڙپڪاري جي صورت ۾ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.