علي ظفر کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ درخواست جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽر علي ظفر کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ لاءِ چيئرمين سينيٽ وٽ درخواست  جمع ڪرائي ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي وفد نئين سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي. پي ٽي آءِ سينيٽر عون عباس اپوزيشن جي 19 ميمبرن جي صحيحن سان درخواست جمع ڪرائي آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان علي ظفر کي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جڏهن ته عون عباس کي پارلياماني ليڊر بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو.

  • مرتضيٰ وهاب ۽ گهنور اسراڻ سنڌ حڪومت جا ترجمان مقرر

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ گهنور علي خان اسراڻ کي سنڌ حڪومت جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻنهي جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ڪراچي جو ميئر جي عهدي تي هوندي مرتضيٰ وهاب عام چونڊن ۾ ڪنهن به سيٽ تي نه بيٺو هو پر کيس صوبائي حڪومت جو ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي.

  • سون في تولو 1900 رپيا مهانگو، تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (م ڊ ) عالمي ۽ مقامي سطح تي سون جون قيمتون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولي سون  جي قيمت 1900 رپيا واڌ بعد 2 لک 47 هزار 6 سئو رپيا ٿي وئي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1629 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 12 هزار 277 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 19 ڊالر واڌ کانپوءِ 2354 ڊالر آهي.

  • اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ٻيو رڪارڊ، انڊيڪس 70 هزار جي سطح پار ڪري ويو

ڪراچي ( م ڊ ) اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ٻيو رڪارڊ ٺهندڙ ڏينهن، انڊيڪس 70 هزار جي سطح پار ڪري ويو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ هڪ ٻيو  تاريخي ڏينهن رهيو، جنهن ۾ 100 انڊيڪس 70 هزار پوائنٽس جي حد عبور ڪري ويو.اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 694 پوائنٽس جي واڌ سان 70 هزار 314 پوائنٽس تي بند ٿيو.ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 820 پوائنٽس جي بينڊ تي رهيو، جڏهن ته 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 70 هزار 677 پوائنٽس جي رڪارڊ تي رهي. مارڪيٽ ۾ اڄ 38 ڪروڙ 93 لک شيئرز جو ڪاروبار ٿيو ۽ شيئرز مارڪيٽ جو ڪاروبار 17 ڪروڙ 27 لک رپين کان وڌيڪ رهيو جڏهن ته مارڪيٽ سرمائيداري 77 ارب رپين کان وڌي 9 هزار 760 ارب رپيا ٿي وئي.ان کان اڳ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي جنهن ۾ 100 انڊيڪس 398 پوائنٽس جو اضافو ٿيو ۽ انڊيڪس 70 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪري ويو.ڪالهه ڪاروباري هفتي جي شروعات تي 100 انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 69 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪري 69 هزار 720 جي سطح تي بند ٿيو. ياد رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي ۾ به اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي هئي ۽ 100 انڊيڪس تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 68 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪري ويو هو.

  • وزيراعظم جو قطر جي امير سان رابطو، پاڪستان دوري جي دعوت قبول

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم قطر جي امير کي فون ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. وزيراعظم  ميان محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪري کيس عيد الفطر جي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني وزيراعظم شهباز شريف کي عيد الفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني قوم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني، جنهن تي قطر جي امير وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50هين سالگرهه گذريل سال ملهائي وئي هئي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجيب طيب اردگان سان فون تي رابطو ڪيو، رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعظم ترڪيه جي صدر کي عيدالفطر جون مبارڪون به ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.