ڊائيلاگ ڪرائڻ منهنجو مقصد آهي،سينيٽ جي وقار تي سمجهوتو نه ڪنداسين:يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ يوسف رضا گيلاني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين ۽ مسلم ليگ (ن) جو سيدال خان ناصر سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو آهي.  سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. يوسف رضا گيلاني بنا مقابلي سينيٽ جو نائون چيئرمين، جڏهن ته  سيدال ناصر ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو، پرزائيڊنگ آفيسر اسحاق ڊار يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. جنهن کانپوءِ هن کانئس عهدي جو قسم ورتو. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي حلف برداري دوران تحريڪ انصاف جي ميمبرن احتجاج ڪيو، جڏهن ته گيلريءَ ۾ ويٺل مهمانن گهڙي چور جا نعرا هنيا. حلف کڻڻ کانپوءِ ايوان کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ جو چيئرمين بڻجڻ تي الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو، چيئرمين سينيٽ جو عهدو هڪ وڏي ذميواري آهي. هن چيو ته مان سڄي ايوان جو چيئرمين آهيان، سڀني کي گڏ کڻي هلندس،هن چيو ته منهنجو مقصد آهي ته پل بڻايان ۽ ڊائيلاگ ڪرايان،سپريم ڪورٽ قائد عوام جي عدالتي قتل جو اعتراف ڪيو، سينيٽ ۽ ميمبرن جي وقار تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين، هن چيو ته سينيٽ وفاق جي اتحاد جو مظاهرو ڪندي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو پهريون ڀيرو اليڪشن ڪرائي جيڪا واحد صاف ۽ شفاف اليڪشن قرار ڏني وئي، هن چيو ته ملڪ ۾ گهڻو بحران آهي، سڀ کان وڏو بحران نفرت ۽ ورهائڻ جو آهي، پ پ هميشه نفرت جي سياست کي رد ڪيو ۽ مفاهمت جي سياست کي هٿي ڏني،  بعد ۾ نئين چيئرمين ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر کان  عهدي جو حلف ورتو، جنهن کانپوءِ سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. وزيراعظم سينيٽ جي نون چونڊيل چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جون چونڊون جمهوري عمل جو تسلسل آهن، اميد آهي ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين آئين جي بالادستي ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته وفاقي يونٽن جي مضبوطي لاءِ سينيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ان کان اڳ سينيٽ جي اجلاس ۾ نون چونڊيل سينيٽرن حلف کڻي ورتو، پاڪستان تحريڪ انصاف جا سينيٽر به ايوان ۾ پهتا، هنن زوردار نعرا هنيا پي ٽي آءِ جي بئريسٽر علي طفر سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ سڏايل اجلاس غير آئيني قرار ڏيندي ان اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته خيبرپختونخواه جي سينيٽرن کانسواءِ اِهو اڻپورو سينيٽ آهي، سينيٽ وفاق جو ايوان آهي، هر صوبي کي ان ۾ نمائندگي ڏيڻ جي اجازت آهي، ان کانسواءِ  چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته جيستائين هي سينيٽ مڪمل نه ٿيندو، تيستائين ڪنهن به قسم جي چونڊ اخلاقي ۽ قانوني طور تي غير قانوني هوندي. ايوان ۾ ڳالهائيندي سينيٽر محسن عزيز چيو ته خيبرپختونخواهه جي نمائندگي کانسواءِ چونڊون غيرقانوني هونديون، ان سان صوبي جي عوام کي نقصان پهچندو، پر جيڪڏهن اڄ ملتوي ڪئي وئي ته غلط ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته سڄي دنيا ۾ پيغام ويندو ته اهي به غير قانوني آهن، اسان کي ان غير آئيني عمل جو حصو نه بڻجڻ گهرجي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته سينيٽرن کي حلف کڻڻ کان اڳ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جي اجازت ناهي، پي ٽي آءِ سينيٽرن کي آئيني مينڊيٽ باوجود ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويو. سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ پهرين اجلاس ۾ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ڪنهن قدرتي آفت سبب ملتوي نه ٿيون، مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي قسم کڻڻو هو، وڏي وزير کي حلف کڻڻو هو ۽ اسپيڪر حلف کڻڻو هو، پر ائين نه ٿيو. قانون واري وزير چيو ته چونڊ عمل کي روڪڻ ممڪن ناهي. جنهن بعد نون چونڊيل ميمبرن حلف ورتو، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايوان ۾ احتجاج ڪيو. فيصل واوڊا ۽ مولانا عبدالواسع قسم نه کنيو. حلف کڻندڙ سينيٽرن پنهنجن نالن تي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پرزائيڊنگ آفيسرسينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ لاءِ شيڊول جو اعلان ڪيو، مقرر وقت تائين يوسف رضا گيلاني ۽ سيدال خان جي مقابلي ۾ ڪنهن به ميمبر فارم جمع نه ڪرايو، جنهن کانپوءِ کين بنا مقابلي بعد قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.