ادارن جي نجڪاريءَ سان پاڪستان جي معيشت بهتر ٿيندي؟

تحرير: نثار لغاري

جڏھن کان نجڪاري کي بهتر قرار ڏنو ويو آھي تڏھن کان  ملڪ جي اهم ادارن کي تين وال ڪيو ويندو رهيو آھي اها اسٽيل مل هجي واپڊا يا پرائيويٽائيزيشن پي ٽي سي ايل پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن جي حقيقت ته اها آھي جو اهو ادارو ڪنهن به ريت خساري ۾ نه هو پر ان کي وڪرو ڪيو ويو، هي سڀ ڪجهه عالمي مالياتي فنڊ جي چوڻ تي ٿيندو رهيو آھي .

پاڪستان جي قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) جي نجڪاريءَ جي فيصلي کي مشڪوڪ  معاشي ماهرن طرفان ساراهيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهھ حلقن طرفان نجڪاريءَ واري عمل جي مخالفت به ڪئي پئي وڃي.

معاشي ماهرن جو خيال آهي ته حڪومت جي انتظام ھيٺ ھلندڙ ڪاروباري ادارن جي وڏن نقصانن سبب اهڙن سرڪاري ادارن جي نجڪاري اڻ ٽر ٿي وئي آهي. جيڪڏهن نجڪاري جو عمل نه ڪيو ويو ته بيمار سرڪاري ادارا معيشت کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿا.

پي آءِ اي جي نجڪاري جي شروعات گذريل نگران حڪومت ۾ ڪئي وئي هئي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ اڳوڻي نگران وفاقي وزير فواد احمد فواد چيو هو ته سرڪاري ايئرلائين کي روزانو 50 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، گذريل هڪ سال ۾ ايئر لائين جو نقصان 97.5 ارب رپيا هو. ان جو ڪل نقصان  (آڪٽوبر 2023ع تائين) 713 اربن تائين وڃي پهتوهو.

ان دوران پي آءِ اي جي مالي حالت ان حد تائين خراب ٿي وئي هئي جو اها جهاز هلائڻ لاءِ تيل جي قيمت به ادا ڪرڻ کان لاچار هئي ۽ ڪو به مالي ادارو ان کي قرض ڏيڻ يا تيل وارو قرض ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.

نجڪاريءَ جو عمل ڪاٿي پهتو آهي؟

نگران وفاقي حڪومت فيبروري ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي منظوري ڏني هئي، جنهن جي نتيجي ۾ پي آءِ اي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو.

ان ھيٺ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي نالي سان هڪ نئين ڪمپني ٺاهي وئي ھئي ۽ گذريل هفتي ان جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي به نامزد ڪيو ويو آهي. پي آءِ اي جي واجب الادا 825 ارب رپين جي قرض مان 650 ارب رپيا قرض جي واپسي هاڻي هولڊنگ ڪمپني جي ذميواري هوندي.

ان عمل کانپوءِ نئين ٺهندڙ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي بورڊ جو پهريون اجلاس 27 مارچ تي منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪمپني جي ڪم جي باضابطه شروعات ڪئي وئي. ان جي پهرئين اجلاس ۾ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني طرفان پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان اسڪيم آف ارينجمينٽ جي به منظوري ڏني وئي، جنهن جي منظوري وفاقي ڪابينا ۽ قومي ايئر لائن جو بورڊ اڳ ئي ڏئي چڪا آهن.

پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني تي 650 ارب رپين مان 268 ارب رپين جا ڪمرشل قرض عوامي قرضن ۾ تبديل ڪيا ويا آهن. ان ڪري هاڻي هي قرض واپس ڪرڻ پي آءِ اي جي نه پر حڪومت جي ذميواري بڻجي وئي آهي.

بئنڪن سان ٿيل معاهدي موجب حڪومت کي اهي قرض هاڻي 10 سالن ۾ واپس ڪرڻا آھن، جن تي وياج جي شرح 12 سيڪڙو ھوندي.

ڊيل تحت جيڪڏهن حڪومت ٽن سالن اندر پي آءِ اي جي نجڪاري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ٿئي ته ڪمرشل بئنڪن کي اهو حق هوندو ته اھي ڊيل ٻيهر کولڻ ۽ وياج جي شرح ان وقت تي لاڳو حڪومتي قرضن جي شرح جي برابر گهر ڪن.

اسٽاڪ مارڪيٽ تي پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ پيش رفت جا اثر

هن هفتي پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 67 هزار جي بينچ مارڪ کي پار ڪيو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته ان جو وڏو سبب پي آءِ اي جي نجڪاري بابت خبرون ھيون. اهو سڀ ڪجهه هٿرادو طريقي ڪيو ٿو وڃي ته جئين سرڪاري ادارن کي وڪرو ڪري سگهجي

پي آءِ اي جي شيئرز جو مقدار ٽي ڪروڙ 91 لک کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته ان جي في شيئر جي قيمت مارچ ۾ 10رپيا  80 پيسا ھئي جيڪا ھاڻي وڌي 31 روپيا 54 پيسا تائين وڃي پھتي آهي.

اقتصادي ماهرن موجب اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) پي آءِ اي ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري ذريعي سڌارن کي لاڳو ڪرڻ جي پنهنجي عزم تي قائم آھي، جنهن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ پئي اچي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آھي. پر اهو استحڪام عارضي هوندو . تازو ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، پي آءِ اي جي نجڪاري تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. تجزئي نگارن جو خيال آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام تي ڳالهيون شروع ڪرڻ کان اڳ نجڪاري جو عمل مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن فنڊ مان بهتر ڊيل حاصل ڪري سگهجي.

ناڻي واري وزارت پاران جنوري ۾ جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويوھو ته پاڪستان ۾ سرڪاري تجارتي ادارن مالي سال 2021ع ۽ 2022ع دوران مجموعي طور تي 1,395 ارب رپين جو نقصان ڪيو. اها رقم ملڪ ۾ وفاقي حڪومت جي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام کان ٻيڻي آهي.

نجڪاري جي مخالفن جو موقف مختلف آهي. خاص طور تي پي آءِ اي جي نجڪاري جي مخالفن جو چوڻ آهي ته اداري کي ان حال تائين پھچائڻ ۾ ملازمن کان وڌيڪ حڪومتي نااهلي، بدانتظامي ۽ هڪ اھڙي منظم گروپ جا مفاد ھئا جيڪو منافعي ۾ ھلندڙ ادارا خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. جيڪو بلڪل درست آھي

نجڪاري جا حمايتي چون ٿا ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙن ڪيترن ئي خساري ۾ ھلندڙ رياستي ادارن ۾ وڌيڪ پئسو ضايع ٿئي ٿو. انھن سرڪاري ادارن کي منافعي بخش ٿيڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو بچائڻ خاطر انھن کي نجي شعبي جي سيڙپڪارن جي حوالي ڪيو وڃي ته جيئن حڪومت جو بجيٽ خسارو گهٽجي جيڪو هن ڀيري به ست سيڪڙو کان مٿي رھڻ جو امڪان آهي. جڏھن ته حقيقت ان جي ابتڙ به رهي آھي درست طريقي ڪابه عوامي حڪومت پاليسي جوڙي ته ملڪي بيمار صنعتون ادارا هلي سگهن ٿا

هن وقت حڪومت جي ڪابه معاشي پاليسي نه هجڻ سبب ادارا وڪرو ڪيا پيا وجن   هن وقت ضرورت انهي ڳالهه جي آھي ته ادارن جي مالڪي ڪئي وڃي.  اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيئن جيئن ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي تيئن مهانگائي وڌندي عام ماڻھو وڌيڪ لوڙيندو هاڻ وري ريلوي جي نجڪاري ڪرڻ جو به فيصلو ٿي رهيو آھي جنهن سان ملڪ ۾ سفر ڪرڻ مهانگو ٿي ويندو عام ماڻھو سفر ئي نه ڪري سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.