عالمي امن لاءِ خطرو بڻجندڙ نئين ويڙهاڪ تنظيم

تحرير: رياض ابڙو 

تاريخ ۾ چائينا ڪڏهن به پاڪستان سان ڪاوڙ جو اظهار ناهي ڪيو، مثال چائينا 26 اپريل 2022ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ تي حملو به درگذر ڪري ڇڏيو ۽ سفارتي لاڳاپا وري اڳتي کڻي هلي پيو. ڇو ته دنيا سمجهي ٿي ته ”سرد جنگين“ جي پڄاڻي تي (معني 1991ع کانپوءِ) آمريڪا هاڻي ”پوسٽ سرد جنگين“ جي زمري ۾ پاڻ کي بيهاري ڇڏيو آهي. هاڻي آمريڪا پاڻ انهن سڀني شدت پسند گروهن ۾ رهي پاڻ مڃائي ٿو، جيڪي اسلامي نالن سان منصوب ڪري آمريڪا پاڻ انهن جي آبياري به ڪندو رهي ٿو. ڪٿي رنڊڪون ته ڪٿي آسانيون وجهي آمريڪا دنيا کي پاڻ سمجهائڻ چاهي ٿو آمريڪي ڊاميننسي ائين ئي برقرار رکي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ آمريڪا ڪڏهن به چائينا اندر پنهنجون فوجون لاهي نه ٿو وڙهي سگهي يا روس اندر ڪا به جنگ جوٽي نه ٿو سگهي، نه ئي ڪنهن سان بارڊر مليل هجڻ جي ڪري ڪجهه ڪري به سگهي ٿو. اها به ڳالھه آهي ته آمريڪا اسرائيل جي پويان ڪنهن خوني جانور وانگي پاڻ هڙتو بيٺو رهيو آهي ته جتي هٿيارن جو ڪاروبار هلي اتي آمريڪا جي به بلي بلي ٿئي.

گذريل هفتي ماسڪو ۾ هڪ ڪنسرٽ هال تي خطرناڪ حملو ٿيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 140 ماڻهو مارجي ويا، جنهن ۾ خراسان چيپٽر جي شدت پسند گروھ ان حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي. آءِ ايس ڪي (اسلامڪ اسٽيٽ آف خراسان) چيپٽر هڪ اهڙو گروھ آهي جيڪو هڪ ئي جاءِ تي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ به متحرڪ آهي. هي ساڳو ئي گروھ آهي جيڪو شانگلا ۾ به ڪارروايون ڪري ٿو ته گوادر جي حملي ۾ به اهو ساڳو ئي گروھ شامل آهي، جيڪو بلوچن جي نالي تي وڙهي ٿو.

روس جي حملي ۾ پڪڙيل دهشتگرد به ان ساڳي اسلامي گروھ سان وابسطا آهن، جيڪي ڪي پي ڪي ۽ افغانستان ۾ هڪ ئي وقت شدت پسند ڪارروايون ڪندا رهن ٿا ۽ پاڻ مڃائيندا به رهن ٿا، پر اهي لوڪل سيڪيورٽي جي وس کان ٻاهر آهن. ڪجهه تجزيا نگارن جي موجب هي شدت پسند گروھ روس کي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم جو ذميوار سمجهي ٿو. ان ڪري هن ساڳئي ئي گروھ سيپٽمبر 2022ع ۾ روسي سفارتخاني تي هڪ موتمار خودڪش بم ڌماڪي جي ذميواري به قبول ڪري ورتي هئي، ان ڪري روس به هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي وچ ايشيائي رياستن ۾ آءِ ايس خراسان جي اثر ۽ ايتري تڪڙي اڀار بابت پريشان آهي. جڏهن ته روسي صدر ان حملي جو الزام اسلامي شدت پسندن تي لڳائيندي ان واقعي کي يوڪرين جي جنگ سان ڳنڍڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو.

مغربي ميڊيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اتر بالٽڪ رياستن ۽ وچ ايشيائي نسل جا ڪجهه ماڻهو افغانستان مان يوڪرين کان يورپ ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن ۽ اهي آءِ ايس ڪي جي گروهن جي نمائندگي به ڪن ٿا، جيڪي اولهھ ۾ پرتشدد حملن ۾ پاڻ کي ملوث ڪرڻ چاهين ٿا. ان دوران روس ۾ ٿيندڙ اهڙن حملن يورپ جي ٻين ملڪن کي دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن کان خبردار ڪيو آهي. ان ڪري آءِ ايس ڪي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ عالمي دهشتگرد گروپ جي طور تي اڀري آيو آهي. هڪ اعليٰ آمريڪي فوجي اهلڪار آمريڪي ڪانگريس جي ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن اندر آءِ ايس ڪي آمريڪا ۽ ڪجهه مغربي ملڪن تي به حملا ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ارادو رکي ٿو. ڇو ته يورپ اندر داعش جي ڪيترن ئي حملن کي ناڪام ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي آءِ ايس ڪي اهڙن حملن جي تياري ۾ آهي.

آءِ ايس ڪي وچ اوڀر جي ملڪن ۽ خاص پاڪستان ۽ افغانستان جهڙن ملڪن ۾ 2014ع ۽ 2015ع ڌاران ٺاهي وئي هئي، جيڪا تنظيم ايران اندر حملن ۾ به ملوث رهي آهي، جنهن تنظيم ايران اندر 2020ع ۾ قاسم سليماني جي جلوس تي حملو ڪيو هيو، ۽ وري ٻئي حملي ۾ قاسم سليماني بغداد ۾ آمريڪي حملي ۾ مارجي ويو هيو. ساڳي گروھ ماسڪو واري واقعي کان ٿورو اڳ افغانستان جي شهر قنڌار ۾ خودڪش حملي جي ذميواري به قبول ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ ڳچ زخمي به ٿي پيا هيا. آءِ ايس ڪي پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ حملن جي به ذميواري پڻ قبول ڪري چڪو آهي. هاڻي ظاهري طور تي ڪجهه پابندي مڙهيل سني فرقيوار گروھ به آءِ ايس ڪي ۾ شامل ٿي ويا آهن. هي عالمي ويڙهاڪ گروھ 2014ع ۾ پاڪستان جي علائقي افغانستان ۾ ظاهر ٿيو هيو. آءِ ايس ڪي جي شروعاتي ڀرتين ۾ پاڪستاني طالبان جي ڌار ڌار گروهن مان ويڙهاڪ وقت سر شامل ٿيندا رهيا آهن، ڇو ته سي آءِ اي جو آشيرواد انهن پراڻن گروهن جي سربراهن تان کڄي ويو هيو ۽ ان ٽرينڊ کي ڏسندي اهي سڀ ويڙهاڪ ۽ انهن جا نسل آءِ ايس ڪي ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته هن نسل جي ويڙهاڪن کي افغانستان مان ڀڄائي ڪڍيو ويو آهي ۽ اهي گروھ هاڻي مستقل طور تي پاڻ کي ڪي پي ڪي ۾ منظم ڪري رهيا آهن، هي گروھ هاڻي ڪي پي ڪي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جون رياست کي ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي، جن جي پويان مضبوط عالمي سازشي گروھ (سي آءِ اي) شامل آهي.

2014ع ۾ ڪُنڙ صوبي جي اڳوڻي افغان طالبان ڪمانڊر عبدالرحيم مسلم دوست کي گروپ جي خراسان چيپٽر جو آرگنائيزر به نامزد ڪيو ويو هيو. جنهن افغان طالبان جي صفن مان پروفائيلنگ ڪري ۽ گروهي ڀڃڪڙي ڪري هن گروھ جو هڪ باضابطا تنظيمي ڍانچو تيار ڪري ورتو هيو. جنوري 2015ع ۾ ويڙهاڪن هڪ وڊيو به جاري ڪئي هئي جنهن ۾ هنن پاڻ کي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ آءِ ايس خراسان چيپٽر جي لاءِ منتظمين طور اعلان ڪيو هيو. آءِ ايس خراسان جي لاءِ هنن هڪ شورا به ترتيب ڏني هئي جنهن ۾ افغانستان، پاڪستان، ايران ۽ وچ ايشيا جا ڪجهه حصا (صوبا) شامل هيا.

اهڙي شورا جي توثيق آئي ايس ڪي سپريم ڪمانڊر طرفان ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پاڪستان جي اورڪزئي ايجنسيءَ جي اڳوڻي ٽي ٽي پي ڪمانڊر حافظ سعيد خان کي خراسان واري علائقي ۾ آءِ ايس ڪي جو سربراھ ۽ افغان طالبان جي اڳوڻي ڪمانڊر ملا عبدالرئوف کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو هيو. پر حيرت اها آهي ته اهي سڀ ملان جيڪي طالبان جي روپ ۾ پاڻ ويس بدلائي ڪڏهن ڪجهه ته ڪجهه بڻجي هن خطي جي مسلمانن ۽ آمريڪي اشارن تي دنيا کي چريو ڪيون ويٺا آهن ۽ دنيا جي هر خطي ۾ آمريڪا جي مفاد جي جنگ وڙهندا رهن ٿا، سي لوڪل ايجنسين کان زور آهن يا ماڻهن ۾ ڪهڙو پيغام ٿا پڄائين ته اهي هاڻي ڪهڙي اسلام جا پرچارڪ آهن يا اهي آخر چاهن ڇا ٿا، جنهن ۾ خطي جا ٻيا مسلمان ڌڙا به هنن جي پويان لڳي پون. ان سبب ۽ هنن جي اهڙي چڪر ۽ چال جي ڪري هر مسلمان پاڻ کي وچٿرو ۽ لبرل سڏائڻ ۾ عافيت محسوس ٿو ڪري. ان ڪري آمريڪي ڊالرائيزڊ طالباني اسلام ۾ ماڻهن کي ڪو به مذهب ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ڇو ته انهن طالبان جي پويان لڳي پوڻ به ڪنهن صورت سياڻپ ناهي يورپي ۽ انگريز نسل جي آڏو اسلام جي شڪل اها ئي آهي جنهن ۾ سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ٿا وڃن.

آءِ ايس خراسان چيپٽر پنهنجي قيام کان جلد ئي پوءِ افغانستان جي ڪيترن ئي صوبن ۾ سرگرم ٿي ويو هيو. انهن جي مالي امداد پڻ بين عالمي تي ٿيندي رهي هئي (۽ آهي) ۽ اهي دهشت پسند گروهن جا ويڙهاڪ افغان طالباني گروھن سان به وڙهندا رهيا آهن، تنهن هوندي به آءِ ايس ڪي جي تعداد ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو رهيو آهي، جيڪو ڪجهه اندازن موجب چار هزار ويڙهاڪن تائين پهچي ويو آهي. جڏهن آمريڪي فوجن جي افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار سنڀاليو هيو، تڏهن ظاهري طور تي ٻين عالمي شدت پسند طالباني گروهن مان آءِ ايس ڪي ۾ شامل ٿيندا رهيا هيا، ۽ آمريڪي جنگ جي پڄاڻيءَ تي آءِ ايس ڪي جي حملن ۾ نمايان اضافو ٿيندو رهيو. هن دهشتگرد گروھ 2021 ۾ ڪابل جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي به حملو ڪيو هيو، جنهن ۾ 13 آمريڪي فوجي ۽ وڏي انگ ۾ عام شهري به مارجي ويا هيا. جڏهن ته ملڪ مان افراتفري ۽ آمريڪي فوجن جي واپسي دوران جنوري 2014ع ۾ جاري ڪيل گڏيل قومن جي رپورٽ موجب افغان طالبان جي گروهن کي شڪست ڏيڻ سبب افغانستان اندر حملن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي. پر هاڻي آءِ ايس ڪي جي دهشتگرديءَ جو خطرو افغانستان کان ٻاهر ٿي پيو آهي. ان گروھ جي طاقت نه رڳو افغانستان پر ان جي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان لاءِ هڪ زبردست خطرو وڌائي ڇڏيو آهي. افغان طالبان جي ويڙهاڪ گروهن جهڙوڪ ٽي ٽي پي جي مسلسل حمايت کي آءِ ايس ڪي جي ٻيهر اٿڻ جي هڪ اهم سبب سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته ڪيترائي آءِ ايس ڪي ويڙهاڪ ٽي ٽي پي گروهن مان آيا آهن، جن افغانستان ۾ پناھ ورتي هئي. جڏهن ته آءِ ايس ڪي افغان طالبان سان به وڙهندو رهيو آهي، اهو گروھ اوڀر افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي گروهن سان گڏ آهي، پر هاڻوڪا روس تي حملا اهو واضح ڪن ٿا ته هن گروھ جي صلاحيت ۽ خطرو جيترو خطي ۾ خطرناڪ آهي، اوترو خطي کان ٻاهر به ٿي پيو آهي، ان ڪري گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل علائقائي حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.