رستو ته آھي پر سجھي  ڇو نٿو؟

تحرير: امتياز عالم

ڳالھھ ساحر لڌيانوي جي نطم ” بھت گهٽن ھي“ کان گھڻو اڳتي نڪر ي وئي آھي.امير شھر کي خبر آھي تھ ؛ امير شھر جي تن تي لباس باقي نه آھي.امير شھر جا ارمان اڃان ڪٿي نڪتا آھن.

يو اين ڊي پي، جي انساني ترقي جي رپورٽ (ايڇ ڊي آءِ انڊيڪس )تي  24-2023ع جي تفصيل  موجب پاڪستان جو شمار 193 ملڪن مان 164 هين نمبر تي آهي ۽ هاڻي ھي  ملڪ وچين ترقي پذير  ملڪن مان نڪري 32 گهٽ آمدني وارن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي. جتي نھ سٺي زندگي گذارڻ جي گنجائش آهي، نه تعليم، نه روزگار ۽ نه ئي انساني گذر بسر جو سامان آھي.مسلم دنيا جي واحد ايٽمي طاقت ۽ سڀ کان وڏي فوجي قوت جي حالت انساني ترقي جي اشارن تي تباهه ٿيل هيٽي جھڙي ملڪ کان به بدتر آهي، جڏهن کان هي حڪومت  آئي آهي.

اجلاسن مٿان اجلاس ڪيا پيا وڃن. پر ڪنهن به اجلاس  مان اھا خبر نه آئي  آھي ته انساني ترقيءَ جي بگڙيل صورتحال تي به غور ڪيو ويو. نين اسيمبلين جا ڪيترا ئي ھنگامي اجلاس ٿي چڪا آهن پر مجال آھي جو ڪنهن بھ ميمبر انساني عدم تحفظ کي بحث جو موضوع بڻايو هجي.اھي جيڪي سمورن مسئلن جي حل لاءِ آئيني دائرن کان ٻاھر وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مٿاھين  سُپر ڪائونسل (SIFC)  جوڙي وئي آھي. ان جي ڪنهن به اجلاس ۾ انساني سلامتي جي تباهي تي سلامتي جي ھڪ ھٽي وارن  ڪجهه لمحن لاءِ  غور ڪيو آھي؟

فڪر آھي تھ اميرن جي استحصالي غلبي ۽ انھن جي سلامتي جي ادارن جو آھي.اڪيلي حڪومت جي وس ۾ ھڪ ئي نويد آھي خدا خدا ڪري  آءِ ايم ايف ايندڙ پروگرام لاءِ راضي ٿي ويو آهي، پر اڳ کان وڌيڪ سخت شرطن سان. پاڪستان جي قرض خور رياست  ۽ اميرن  جي مسواڙي خور  معيشت کي ھٿ ڊگھيرڻ جو بحران برقرار رکڻ لاءِ ايندڙ ٽن سالن ۾ 72 ارب ڊالرن جي نئين قرضن جي ضرورت آھي.جڏھن تھ ھن وقت ڪل  قرض 2006ع  ۾ 37 ارب ڊالرن کان وڌي 131 ارب ڊالرن کان به مٿي ٿي ويو آهي. جيڪو ايندڙ ٽن سالن ۾ وڌي ڪري 203 بلين ڊالرن کان بھ مٿي وڌي ويندو ۽ ملڪي معيشت لاءِ هڪ ڀوائتو خواب  بڻجي ويندو. جڏهن ته هن سال وڌيڪ ھڪ ڪروڙ  ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ موجوده آبادي جي 40 سيڪڙو آبادي ۾ شامل ٿي ويندا. الميو اهو آهي ته نوازشريف جي تصوير سان ڀريل کاڌي جا ٿلها حقدارن ۾ ورهائڻ کان اڳ ئي چونڊيل اميرن جي لالچ جو شڪار ٿي ويا. خيراتي پروگرام جنھن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام يا نگهبان خيراتي امداد يا تحريڪ انصاف جي احساس پروگرام سان ماڻھن کي دلاسو بھ نھ ڏئي سگھبو.ڪنھن حقيقي غربت  مٽايو پروگرام ۽ پائيدار انساني ترقيءَ لاءِ هڪ مضبوط عوامي ترقيءَ واري پروگرام کان سواءِ، غربت جي بار هيٺان  دٻجي ويل آبادي جي گھڻائي مرندي نظر ايندي، پر ميرن جا ڀڀ ڀرجڻ وارا نھ آھن.

ان طبقاتي فرق ۾ ھڪ طرف يورپين طرز جا محفوظ محلات ۽ ٻئي طرف هر قسم جي شهري سهولتن کان محروم، غير محفوظ جھنگل جيان پکڙجندڙ  ڪچي آبادين جي باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٿيندو.  خزانو صرف قرض ۽ ان جو وياج ادا ڪرڻ ۾ ختم ٿيندو رھندو ۽ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ،پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ جي آڙ ۾ مارڪيٽ  جي ارڙ نانگ جو گرھ بڻجي ويندو. جڏهن ته ترقياتي واڌ ايندڙ ٽن سالن ۾ آبادي جي واڌ جي برابر  ٿي ويندي. خاڪ اھڙي  ”قومي سلامتي“ تي، جنهن ۾ انساني سلامتي ختم ٿي وئي آهي ۽ لعنت آهي اهڙي سياست تي جيڪا حڪمت عملين جي هٿن ۾ سنڊ ۽ شرمسار بڻجي وئي آهي ۽ جنهن کي عوام جي خبر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي گروهي مفادن جي تسڪين کان سواءِ ننڍڙن ننڍڙن جهيڙن مان  ئي واندڪائي  ناهي.

اھڙي حالت ۾ ادارتي ڌريون يا سياسي پاڪستاني سماج کي ان ڪن مان ٻاھر ڪڍن بدران پنھنجو پنھنجو مطلب پورو ڪرڻ ۾ رڌل آھن.تھ پوءِ تنھنجو ڇا ٿيندو  جناب ؟ سواءِ ويچاري مملڪت خدادا کي جنھن خدا ڏني. ان کي موٽائڻ جي ؟  اهڙي صورتحال ۾ هڪ ٻي مخالف ڌر ميدان ۾ لٿي  آهي، جيڪا سول آئيني پارليامينٽ ۽ وفاق جي بالادستي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ اڳ ۾ بحران جي سمنڊ ۾ سونامي پيدا ڪندي. ماضيءَ ۾ به اسان ڪيترائي اهڙا جمهوري محاذ ٺهندي ۽ ڊھندي  ڏٺا آهن، جيڪي پنھنجو حصو ادا ڪري تاريخ جي ڍير ۾ ڪٿي گم ٿي ويا آهن.تحريڪ انصاف جي اڳواڻي ۾ جن پنجن جماعتن جيڪو محاذ جوڙيو. ان جي برڪت سان جمھوري خواھش تھ ڪجهھ چٽي ٿي آھي.جنھن جو بنيادي مقصد مقتدار جي اقتدار جو خاتمو آھي ۽ عوامي حڪمراني جي گم ٿيل باب کي قومي ايجنڊا ۾ آڻڻ آھي. ڇا اهڙا نقطا پي ڊي ايم جي 26 نقاطي ايجنڊا ۾ شامل نه هئا؟ چارٽر آف ڊيموڪريسي جو پڌرنامو به ان ئي جمهوري مقصد جو امين نه هو؟ پر اهي سڀئي هڪ هڪ ٿي ڪري انهن اعلانن کان منهن موڙي نه ويا ھئا ؟ آخر اهو سرگس ڪيستائين هلندو رهندو. جڏهن هرڪو ان ڳالهه تي متفق ٿيڻ لڳي ته ”ڪافي ٿي ويو آھي ھاڻي بس ڪيو“! سياسي استحڪام آڻڻ بنا ڪجھه بھ ھلي نھ سگھندو، ۽ اھو  ڪنهن بھ ھڪ ڌر  يا اداري جي وس جي ڳالھھ نھ آھي. پر جيڪڏهن اسان بگھڙن جي غفلت واري  ننڊ ۾ هڪ ٻئي تي حملي ڪرڻ واري  جذبي کان نجات حاصل ڪري سگهون ،تھ واري واري سان ان کوکلي سويلين پگھار تي صبر شڪر ڪرڻ جي ذلت مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.

سياسي دشمنيءَ جي هن بيڪار ماحول ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويٺل چيئرمين بلاول ڀٽو جي جمھوري رڳ ڦڙڪي بھ آھي تھ حڪومت ۽ اپوزيشن کي ان تي ڪن ڌرڻ گھرجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ھن ورسي جي موقعي تي بلاول ڀٽو  چارٽر آف ڊيموڪريسي جي تڪميل واري خواھش جي عھد تي عمل ياد ڏياريو آھي.ھن سياسي عدم استحڪام جي خاتمي لاءِ سياسي مخالفن وچ ۾ ” ميثاق مصالحت“ جي تجويز پيش ڪئي آھي.پر اھا ميثاق تڏھن ٿي سگھندي جڏھن متاثر ڌر يعني عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ جون جائز شڪايتون منصفاڻي ۽ جمهوري جذبي سان ٻڌيون وڃن ۽ ممڪن طور حل ڪيون وڃن. پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ  اپوزيشن محاذ جيڪي نقطا ۽ مطالبا پيش ڪيا آهن، انهن ۾ ٻيھر چونڊن کانسواءِ ڪو به اهڙو  ناهي، جيڪو موجوده پارليامينٽ ۾ ويهي ڪري گڏيل طور تي  حل نھ ڪري سگهي. نئين چونڊن جي متبادل جي طور تي، هڪ طاقتور پارلياماني ڪميشن انهن سڀني حلقن ۾ جتي نتيجا تبديل ٿيڻ جا الزام آهن، اتي تيزي سان ڪم ڇو نٿي ڪري سگھي.

پورو سال ٿيڻ تي آھي اھي سمورا سياسي ڪارڪن جيڪي  9 مئي جي ھنگامن ۾ ملوث قرار ڏنل آھن کي، آزاد ڇو نٿي ڪري سگھي.عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت خلاف قائم ڪيس واپس  ۽ جيڪي سنگين الزام آهن، انهن ۾ کين ضمانت تي آزاد ڇو  نٿو ڪري سگهجي. متحرڪ سياستدان هڪ وسيع تر ميثاق جمهوريت جنھن ۾ پارلياماني بالادستي سرفهرست هجي ۽ هڪ ميثاق معيشت جنهن ۾ انساني ترقي ۽ سلامتي بنيادي عنصر ھجن پارليامينٽ جي ايجنڊا تي آڻي ڇو اتفاق راءِ پئدا نٿي ڪري سگھجي.ٻي صورت ۾ ڌڪ لڳو  گوڏن ۾ ۽ ڀڳي اک جيان اھو ئي بيھودو طوفان سياست ۾ جاري رهندو. بس باقي رينگت جاري ھجي. اسان جمهوريت جا ستايل  ڪري بھ  ڇا ٿا سگهون؟

بہت گھٹن ہے کوئی صورت بیاں نکلے

اگر صدا نہ اٹھے کم سے کم فغاں نکلے

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.