اسٽيبلشمينٽ مداخلت ختم نه ڪئي ته ڍاڪا واري صورتحال پيدا ٿيندي: ساڃاهه وند

ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر) انساني حقن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن فوجي اسٽبلشمينٽ کي مشورو ڏنو آهي ته ملڪ کي  ٽوڙڻ بدران سياست، عدالت، معاشيات،پارليامينٽ ۽ صحافت مان مداخلت ختم ڪري کين آئين ۽ قانون جي تابع بنايو وڃي، ملڪ اندر زرعي سڌارا آڻي، سرڪاري زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي، ملڪ کي وفاقي جمهوري سيڪيولر رياست بڻايو وڃي، فيڊرل شريعت ڪورٽ کان مذهبي معاملن ۾ فيصلاسازي جا اختيار ختم ڪري اهي پارليامينٽ جي حوالي ڪيا وڃن ،پارليامينٽ،سياسي جماعتون ۽ سول سوسائٽي اسٽيبلشمينٽ جي ملڪ جي آئيني قانوني ادارن ۾ مداخلت ۽ ڪاروبار ڪرڻ، ملڪ جي زرعي زمينن تي قبضن خلاف مزاحمت ڪن. اها ڳالهه ڪالهه خميس ڏينهن انساني حقن جي ڪميشن جي آفيس ۾” پاڪستان ۾ موجوده عدالتي بحران “ جي موضوع تي منعقد ٿيل هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي وئي. ان موقعي تي انساني حقن جي جهوني  اڳواڻ ۽ ترقي پسند صحافي حسين نقوي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سياست ، عدالتن، صحافت ۾ مداخلت ، معاشيات ، زمينن تي قبضن واري پاليسي ختم نه ڪئي ته ان جو وڏو نقصان خود ان کي پاڻ کي ئي پهچندو ۽ هتي 25 ڪروڙ عوام اٿي پوندو ۽ وڏن شهرن ۾ ڍاڪا واري صورتحال پيدا ٿي پوندي ۽ جرنيلن بنگلاديش ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ جنگي قيدي ٿيڻ واري تاريخ مان سبق نه ٿي سکي ۽ هتي به ساڳو ئي طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ کي ڪو نقصان پهتو ته هنن جي به عياشي واري رهڻي ۽ ٻيا مزا ختم ٿي ويندا،هن چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪوبه ڪردار نه هو ۽ اهي پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾ نه هئا، فرنگين خلاف بغاوت به انڊين نيوي ڪئي هئي.، فوجي اسٽيبلشمينٽ ملڪ ۾ صنعت ڪاري ڪرڻ نه ٿي ڏئي ۽ منصوبي تحت اسٽيل مل ۽ ٻين صنعتن کي تباهه ڪري اسٽيل مل جي زمين تي جرنيل قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، ملڪ جي پارليامينٽ ۾ 60 سيڪڙو جاگيردار ويٺل آهن، ان ڪري جاگيردارن ۽ جرنيلن جو ڳٺ جوڙ آهي، 92 لک ايڪڙ زمين تي ڪارپوريٽ فامنگ وسيلي اتي مقامي هارين کي بي دخل ڪري ان جي اپت کي پنهنجي مرضي سان وڪرو ڪيو ويندو ۽ دنيا ۾ پاڪستان هڪ ناڪام رياست طور سڃاتو وڃي ٿو، ملڪ ۾ خيراتي ادارن وسيلي عوام کي محتاج ۽ پينو بڻائڻ جي پاليسي تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي خلاف ملڪ جي عوام کي سياسي رستو اختيار ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ زرعي اصلاحات ڪري سرڪاري زمين بي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي،هن چيو ته ملڪ مان فوج ۽ ايجنسين جي مداخلت ختم ڪري پاڪستان هڪ وفاقي جمهوري ملڪ بڻايو وڃي ،اهوئي هڪ انقلابي رستو آهي،  ملڪ جي بهتري لاءِ ايجنسين ۽ جرنيلن کي عدالت جي حڪمن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ سياست مان مداخلت ختم ڪري ڪاروبار تي قبضي جي پاليسي ترڪ ڪرڻ گهرجي، اها ڳالهه ئي ملڪ ۽ قوم جي فائدي ۾ آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ اختر حسين ايڊووڪيٽ چيو ته عدالتن، سياست، پاليامينٽ ۾ رياستي جاسوس ادارن ۽ فوج جي مداخلت تي سياسي پارٽين مجرمانه خاموشي اختيار ڪئي آهي،معاشيات جي هر ننڍي وڏي ڪاروبار، اندروني،پرڏيهي پالسين، چونڊون ڪرائڻ، حڪومت سازي ۽ زراعت، زمينن جي واپار خلاف ملڪ جي سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ پارليامينٽ کي سخت مزاحمت ڪرڻ گهرجي ۽ 6 ججن جيڪو ايجنسين جي مداخلت خلاف خط لکيو آهي ان جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ثاقب نثار ججن جي قومي تراني ” انصاف سڀني لاءِ “ کي سپريم ڪورٽ جي گيٽ تان هٽائي ان جي جاءِ تي ماربل لڳرائي ڇڏي، ملڪ جون مذهبي، سياسي پارٽيون بشمول پي ٽي آئي عدالت ۽ پارليامينٽ ۾ ايجنسين جي مداخلت تي مزاحمت نه ٿيون ڪن ۽ جيڪڏهن ملڪ جي زراعت ۽ معاشيات فوج وٽ هوندي ته پوءِ ملڪ جو ڪهڙو حال ٿيندو. اختر حسين چيو ته 18 ترميم ۾ به فيڊرل شريعت ڪورٽ کي قانون سازي ڪرڻ کان نه روڪيو ويو ، ملڪ ۾ عدالتن کان وٺي هر آئيني اداري ۾ ايجنسين جي مداخلت هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي، عدالتن ۾ فوجي ايجنسين جي مداخلت خلاف اول به شوڪت صديقي جي روپ ۾ مزاحمت ٿي چڪي آهي. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سربراهه اقبال بٽ چيو ته فوجي اسٽيبلشمينٽ جي ڪاروباري سرگرمين لاءِ انهن جو اقتدار کان ٻاهر رهڻ ممڪن نه آهي ، اسان ڪا سرگرمي ڪيون ٿا ته اها به انهن کان برداشت نه ٿي ٿئي ۽ اسان جي آفيس ۾ ڪرنل پهچي وڃن ٿا،پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ جاگيردار ويٺل آهن ان ڪري هاڻي اها اسٽيبلشمينٽ جي پسنديده پارٽي آهي ۽ آصف علي زرداري صدر بڻجي ويو آهي، مسلم ليگ ن جيڪا اول اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهي ويندي هئي، ان ۾ ڪاروباري ۽ صنعتڪار ۾وجود آهن ان ڪري اها اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو نه آهي، ملڪ جي 45 سيڪڙو ڪاروبار اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ آهي، اهي آئين ، قانون ۽ پارليامينٽ کي اهميت نه ٿا ڏين.ان موقعي تي مهناز رحمان، پروفيسر توصيف احمد ۽ ٻين به بحث ۾ حصو ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.