”آصف علي زرداري سياست مان نظرانداز ڪيو ويو آهي“

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري الزام لڳايو آهي ته پيپلز پارٽي کي هاڻوڪي سياست مان مڪمل طور سائڊ لائين ڪيو ويو آهي ۽ صدر آصف علي زرداري هاڻي بي اثر نظر اچي ٿو. فواد چوڌري موجب صدر زرداري کي هاڻي نه ته اهم فيصلا ٻڌايا وڃن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن معاملي تي بريفنگ ڏيڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته هي صورتحال پيپلز پارٽي لاءِ غير معمولي زوال آهي، ڇو ته جيڪا جماعت ماضي ۾ ملڪ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي، اها اڄ پنهنجي سياسي حيثيت وڃائي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.