ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي مڪاني ۽ هاڻ پورهئي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته بدقسمتي سان سنڌ ۾ عمارتن جي تعمير جا معيار ڪجهه آهن ۽ ٻين صوبن ۾ ڪجهه ٻيا آهن. جيڪڏهن نيسلا ٽاور يا پَويلين اينڊ جي تعمير غلط هئي ته پوءِ ان کي ڊاهڻ جو جواز ڪهڙو هو؟ غيرقانوني عمارتون ٺاهڻ سنگين ڏوهه آهي، پر مون کي نٿو خبر ته ججن جي ذهن ۾ ڪيئن اچي ٿو ته اربين رپينجي عمارت کي ڊاهي ڇڏجي. سعيد غني چيو ته آباد پاران ڪامياب ايڪسپو ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي. هن اهڙا خيال آباد جي مرڪزي آفيس ۾ فرنيچر ميٽيريل ايڪسپو جي دوري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ظاهر ڪيا. ان موقعي تي آباد چيئرمين حسن بخشي، وائيس چيئرمين ۽ ٻيا عملدار به ساڻس گڏ هئا.. سعيد غني آباد جي چيئرمين کي خاطب ڪندي چيو ته ايس بي سي اي جي قانون بابت جيڪي ملاقاتون ٿي رهيون هيون، اهي ايندڙ وزير بلديات سيد ناصر شاهه جي اڳواڻي ۾ جاري رهنديون ۽ مان به حصو وٺندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خبر ناهي ڪجھ ججن وٽ ڪامن سينس ڇو ناهي. عدالتن کي غلط ڪم روڪڻ جو اختيار آهي، پر نيسلہ ٽاور جهڙا فيصلا تعميراتي شعبي لاءِ شديد نقصانڪار آهن. هڪ ٻئي سوال تي سعيد غني چيو ته نيب جي فائلن کان پيپلزپارٽي نٿي ڊڄي. اڳ به اسان جي اڳواڻن خلاف سوين فائلون ٺاهيون ويون، جيڪي آخر ۾ غلط ثابت ٿيون. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي تنقيد بابت سوال تي سعيد غني چيو ته پيپلزپارٽي پاران بي آءِ ايس پي ذريعي امداد ڏيڻ جو چوڻ ڪا غلط ڳالهه ناهي. وزيراعليٰ پنجاب ڀلي متاثرن کي هڪ ڪروڙ ڏئي، پر ان جي بنياد بي آءِ ايس پي ذريعي رکڻ سان آساني ٿيندي .