” نو هينڊ شيڪ“ وارو تڪرار ماٺو نه ٿيو، ڪپتانن جو ” ٽرافي فوٽو شوٽ“به رولڙي جو شڪار

دبئي (ويب ڊيسڪ) روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ايشيا ڪپ جو فائنل دبئي ۾ سڀاڻي آچر ڏينهن دبئي ۾ کيڏيو ويندو.
دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ مها دنگل اڳ ٻنهي ملڪن جي ٽيمُن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب هن ڀيري فائنل کان اڳ ٻنهي ڪپتانن جو ”ٽرافي“ سان گڏ روايتي فوٽو شوٽ ناهي ٿي سگهيو.
انتظاميا ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته فوٽو شوٽ جي حوالي سان اڄ ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي جو امڪان نه آهي، جڏهن ته آچر تي فائنل کان اڳ ان بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي گروپ ميچ ۽ سُپر فور مرحلي ۾ ڀارتي ڪپتان ۽ رانديگرن پاڪستاني ڪرڪيٽرن هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فائنل ۾ به صورتحال مختلف نه هوندي، تنهنڪري ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن طرفان گڏجي فوٽو شوٽ ڪرائڻ جا امڪان گهٽ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان سلمان علي آغا اڄ شام ستين وڳي پاڪستاني وقت موجود پريس ڪانفرنس ڪندو.
ذريعن موجب، گرين شرٽس پاڪستاني وقت موجب رات 7 کان 10 وڳي تائين دبئي ۾ آءِ سي سي اڪيڊمي ۾ فائنل کان اڳ پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.