پي ٽي آءِ پاران عيد کانپوءِ گرينڊ الائنس جي جلسن جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات بعد عيد کانپوءِ گرينڊ الائنس جي جلسن جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اهڙيون راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، اسد قيصر، شبلي فراز ۽ شاهه فرمان ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني جو پيغام آهي ته چوري ٿيل مينڊيٽ لاءِ جدوجهد جاري رکو، هن چيو ته عدليه سان گڏ بيهو. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته  مينڊيٽ جي چوري خلاف آواز اٿارڻ لاءِ عمر ايوب، شبلي فراز، نعيم پنجوٿا ۽ ٻين تي ٻڌل نئين ڪميٽي جوڙي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته بشرا بي بي عمران خان جي طاقت آهي ڪمزوري ناهي، بشرا بي بي کي کاڌي ۾ زهر ڏنو ويو، هاڻي سندس ٽيسٽون ڪرايون وينديون. عيد کانپوءِ گرينڊ الائنس جو جلسو ٿيندو، عيد کانپوءِ ڀرپور تحريڪ شروع ڪنداسين۔ جماعت اسلامي، سني تحريڪ سميت سموريون پارٽيون اسان سان گڏ هونديون، 12 اپريل تي ڪوئيٽا ۾ اجلاس ٿيندو، پهريون جلسو پشين ۾ ٿيندو ۽ ان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ جلسن جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ججن تي دٻاءُ وجهي ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻايو ويو. سپريم ڪورٽ کي ميرٽ تي معاملي کي ڏسڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، اسان کي مينڊيٽ جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي، جن کي عوام رد ڪري ملڪ تي انهن کي مڙهيو ويو. ڪي پي ڪي جي اڳوڻي شاه فرمان چيو ته عوامي مينڊيٽ جو احترام نه ڪرڻ سان رياست جو نقصان ٿيو، عوام کي رياست سان گڏ بيهڻو آهي.

  • گلگت: اغوا ٿيل ننڍي ڄمار واري نينگري بازياب

گلگت (م ڊ) گلگت پوليس 20 جنوري کان گم ٿيل 12 ورهين جي ٻارڙي فلڪ نور کي بازياب ڪري گلگت بلتستان جي عدالت ۾ پيش ڪيو. ايس ايس پي گلگت محمد اياز ٻڌايو ته نينگريءَ کي گلگت ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ سلطان آباد ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو ويو. جتان کيس چيف ڪورٽ گلگت بلتستان ۾ پيش ڪري بيان رڪارڊ ڪرايو ويو، محمد اياز موجب ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند ڇوڪرو فريد احمد 6 اپريل تائين پشاور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته ڇوڪريءَ کي دارالامان منتقل ڪيو ويو آهي، 12 ورهين جي نينگري فلڪ نور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن پنهنجي پسند جي شادي ڪئي آهي ۽ کيس ڪنهن اغوا ناهي ڪيو.

  • ڪراچيءَ ۾ ڇڙواڳ نينگر سرڪاري گاڏي سان ڪيترائي شهري زخمي ڪري ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچيءَ جي شارع فيصل تي سرڪاري گاڏي هلائيندڙ نوجوان جي خراب ڊرائيونگ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. عبدالله نالي 15 سالن جي نوجوان شارع فيصل تي سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي هلائي رهيو هو. هن ڪيترن ئي موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. نوجوان کي ناراض شهرين پڪڙي ٽريفڪ پوليس حوالي ڪيو پر ٽريفڪ پوليس سلامي ڏئي کيس ڇڏي ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.