شهيد ڀٽو کي سرڪاري طور جمهوري هيرو قرار ڏنو وڃي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (پ ر)  پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس 45 هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي  ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل تاريخ جو انتهائي ڪارو باب هو، سپريم ڪورٽ شهيد ڀٽو جي ڦاهي بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي عدالت تي لڳل داغ کي ڌوئي ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته شهيد ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه ملڻ واري فيصلي بعد اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي، سرڪاري طور تي قومي جمهوري هيرو ۽ شهيد قرار ڏنو وڃي، هن چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيڻ واري اڳواڻ جو عدالتي قتل هڪ وڏو الميو هو، شهيد ڀٽو کي ڦاهي ڏئي اِهو سوچيو ويو ته عوام جو آواز ۽ پيپلز پارٽي جو وجود ختم ٿي ويندو پر پيپلز پارٽي اڳ کان مضبوط آهي، پيپلز پارٽي ملڪ ۾ آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي،  شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پيپلز پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي دعائيه تقريبون منعقد ڪري کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.