شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ورسي تي ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر) زراعت، راندين، نوجوانن جي معاملن ۽ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي صوبائي وزير چيف سردار محمد بخش خان مهر، قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 ھين ورسي جي مناسبت سان جاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي صف اول جو سياستدان ۽ اسلامي دنيا جو عظيم ليڊر ھو، ھن پنھنجي دور انديشي ۽ ڏاھپ وسيلي ملڪ جي ڏتڙيل عوام جي خدمت ڪئي. هن چيو ته هو ھڪ عوامي ليڊر ھو، عوام کي ئي طاقت جو سرچشمو ڪوٺيندو هو، عوام سان ايتري قدردلي لڳاءُ هئس جو ھن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، ھڪ اھڙي پارٽي جنھن جي منشور ۾ مظلومن، مسڪينن ۽ بيوسن جي ڀلائي، روزگار جي بحالي ۽ ملڪي معيشت کي سگھارو ڪرڻ جا نقطا شامل آھن، اجھي، اٽي ۽ لٽي جھڙي عوامي نعري عوام جي دلين ۾ جاء جوڙي ورتي، جلد ئي ھيء پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي بڻجي وئي،  هوڏانهن  توانائي، ترقي ۽ رٿابندي بابت صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي گڏيل آئين ڏيڻ جو عظيم ڪارنامو ڪيو، سڄي قوم قائد عوام کي سندس ملڪ لاءِ جاکوڙي ڪم ڪرڻ تي هميشه ياد رکندي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کي سياسي شهيد قرار ڏيڻ واري قانون ۾ ترميم وقت جي ضرورت آهي. صوبائي وزير چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالت مان انصاف ملڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته چوٿين اپريل کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت وارو ڏھاڙو سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي. ناصر شاهه چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خاندان جي قربانين جو نتيجو آهي، سمورن سياسي خاندانن ۾ سڀ کان وڌيڪ شھادتون ڀٽو خاندان جون آهن. هن چيو ته اڄ ڪو به ڊڪٽيٽر جو نالو وٺڻ وارو ناهي، ڀٽو اڄ به پوري دنيا ۾ پاڪستانين لاءِ زنده آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو اعتراف اڄ عدليه ڪري رهي آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جمهوريت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.