حيدرآباد سميت لاڙ واسي پاڻي صورتحال تي ڳڻتي جو شڪار، وهڪرا وڌڻ جي دعويٰ

حيدرآباد(رپورٽر) چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج مير غلام علي ٽالپر دعويٰ ڪئي آهي ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، سکر بئراج وٽان وڌايل پاڻي جا وهڪرا به جلد ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم  تائين پهچي ويندا، جنهن کانپوءِ پاڻيءَ جو معيار بهتر ٿي ويندو، جڏهن ته پاڻي ماهر ۽ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل واٽر ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر احسن صديقي واسا حيدرآباد جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪلورين ۽ هائيپوڪلورائيٽ جي استعمال کي يقيني بڻائين، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم وٽ درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيڻ واري انڪشاف کانپوءِ حيدرآباد شهر سميت سنڌو درياهه جي وسيلي پاڻي حاصل ڪندڙ لاڙ جي مختلف شهرن ۽ علائقن جي ماڻهن ۾ ڳڻتي واري لهر ڇانيل آهي، آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري سميت ضلعي انتظاميا، واسا ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار پڻ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم وٽ درياهه جي پاڻي ۾ سينکيي جي مقدار انتهائي گهڻي هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن، حيدرآباد ۾ واسا انتظاميا سنڌو درياهه مان سڌو پاڻي کڻڻ بجاءِ ذخيرو ڪيل پاڻي جي تلائن مان پاڻي جي فراهمي جاري رکي آهي. ان سلسلي ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد احسن قريشي جي صدارت هيٺ ڪمشنر هائوس حيدرآباد ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي. گڏجاڻي ۾ ڪمشنر حيدرآباد لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي تلائن جي صفائي سميت سمورا گهربل قدم کڻندي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. گڏجاڻي ۾ چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج مير غلام علي ٽالپر ٻڌايو ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو معيار بهتر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سکر بئراج وٽان پڻ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو جلد ڊائون اسٽريم تائين پهچي ويندو. ان موقعي تي پاڻي ماهر ۽ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل واٽر ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر احسن صديقي واسا حيدرآباد جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪلورين ۽ هائيپوڪلورائيٽ ملائڻ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ پاڻي جي حوالي سان خبرن سبب عوام خوف ۾ مبتلا نه ٿئي. هن چيو ته هن وقت سنڌو درياهه جي ڊائون اسٽريم ۾ ٽي ڊي ايس جي جيڪا ليول آهي ان کان به وڌيڪ ليول دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي، پر اسان کي پاڻي کي صحت بخش بڻائڻ لاءِ وڌيڪ جوڳا قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته شهر ۾ موجود مختلف منرل واٽر جي وڏن پلانٽن تي واسا چارجز لاڳو ڪري ۽ وصولي ڪري واسا هائيپوڪلورائيٽ جو پلانٽ لڳائي سگهي ٿي، جيڪو مستقل واسا لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندو. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي، ڊي جي واسا ذيشان ملڪ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر واسا سپلائي کان علاوه لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.