جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ عبدالڪريم حملي ۾ مرڻينگ، ڌرڻو

جيڪب آباد/ ميرپور ٻرڙو (رپورٽ: چيف حضور بخش سومرو/ اطھر مھر)  جي يو آءِ  سينيئر اڳواڻ حافظ عبدالڪريم ٻرڙو جي گھر مٿان  ھٿياربندن جو حملو، ڪھاڙين ۽ لٺين سان مرڻينگ، فائرنگ، جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو، ڌرڻو، جمعيت علماءِ اسلام سينيئر اڳواڻ حافظ عبدالڪريم ٻرڙو جي گھر مٿان ھٿياربندن جو رات جي حملو ڪري هُن کي ڪھاڙين ۽ ڏنڊن سان مرڻينگ ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، زخمي جي يو آءِ اڳواڻ حافظ عبدالڪريم ٻرڙو چيو ته سحري کان ٿورو اڳ ۾ جوابدارن منهنجي گهر تي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ منهنجي گهر ۾ گھڙي آيا مون مٿان ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملا ڪيا مارڪٽ ڪندا رهيا، گهر ڌڻين جي دانهن تي جوابدار فرار ٿي ويا،  حافظ عبدالڪريم کي مقامي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو. حملي خلاف جي يو آءِ ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، ربنواز ٻرڙو، مجاھد ھمت علي، رستم خان برڙو، رئيس جمالدين، محمد ادريس، حافظ رضوان، اختر حسين بروهي، فضل الله، مولانا عبدالغفار جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  مظاهرين جو چوڻ هو ته ھڪ سازش تحت چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن جي موجودگي ۾ بزدلاڻو حملو ڪري جي يو آءِ اڳواڻ کي مرڻينگ ڪيو، ھنن مطالبو ڪيو ته حملي آوورن کي گرفتار ڪري قانون حوالي ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، ٻئي پاسي متاثر جي يو آءِ اڳواڻ جي فرياد نواب ٻرڙو، در محمد ٻرڙو، شمن ٻرڙو، ممتاز ٻرڙو ۽ ابل ٻرڙو سميت 5 ڄڻن تي اين سي داخل ڪئي آهي جن مان در محمد ٻرڙو ۽ شمن ٻرڙو کي گرفتار ڪري لاڪ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.