ساماري لڳ نينگري سان لڄالٽ، شادي ۽ طلاق جو ڪيس، جوابدار نه پڪڙيا

سامارو (ن ع آ ) سامارو ويجهو 15 ورهين جي نياڻي سان لڄالٽ ڪري شادي بعد طلاق ڏيڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار  گرفتار نه ٿيا، جنهن خلاف وارثن احتجاج ڪيو آهي. سامارو ويجھو لياقت رستي واسڻ  جنسي حوس  جي شڪارٿيڻ  سبب  ڳورھاري ٿيڻ بعد پنچائت  ذريعي  جوابدار مٺو خان عرف ڏاڏو ڪپري سان  پرڻايل ناري 15 سالا شائلا ڌيءُ بھاول ڪپري جو ڪيس ساماري ٿاڻي  متاثر نياڻي جي ماء پروين ڪپري جي فرياد تي  جوابدار مٺو خان  عرف ڏاڏو ڪپري مٿان داخل ڪيو ويو آهي۔ ڪيس ۾ نڪاح پڙھائيندڙ  مولوي حسين بخش ماڇي ـ نڪاح جي شاھدن ارشاد ڪپري، علي محمد ڪپري، نياڻي جو حمل ضايع ڪرائيندڙ ڪنري جي ڊاڪٽرياڻي کي به  نامزد ڪيو ويو آهي ڪيس داخل ڪرائيندي متاثر نياڻي جي  ماء پروين ڪپري زال بھاول ڪپري  موقف اختيار ڪيو آهي منهنجي نياڻي، ذوالفقار عرف ڀٽو ڪپري وارن جي گھر ڪم ڪندي ھئي ان دوران ماستر ذوالفقار عرف ڀٽو وارن جي غير موجودگي ۾ مٺو خان عرف ڏاڏو ڪپري جيڪو ماستر ذوالفقار عرف ڀٽو ڪپري جو پٽ آهي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن مان منهنجي نياڻي حمل سان ٿي وئي. جنهن بعد برادري فيصلي سان منهنجي ڌي شاھلا جو ڄاڻايل جوابدار مٺوخان ڪپري سان نڪاح ڪرايو ويو  مولوي حسين بخش ماڇي  شاھدن ارشاد ڪپري ـ علي محمد ڪپري وارن  جي سامھو پڙھايو ويو نڪاح بعد منھجي نياڻي کي ڪنري مان ڊاڪٽرياڻي حمل ضايع  ڪرايو ويو ۽ بعد ۾ طلاق ڏئي منهنجي نياڻي کي گھران ڪڍيو ويو آهي. اھڙي فرياد بعد سامارو پوليس پروين ڪپري جي فرياد تي مک جوابدار مٺو خان ڪپري عرف ڏاڏو سميت 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي نياڻي شائلا ڪپري سندس امڙ پروين ڪپري سندس والد بھاول ڪپري ھڪ مھيني کان  مسلسل احتجاج  ڪري رھيا ھيا ۽ پر پوليس ڪيس داخل ن ڪيو جنهن بعد نياڻي جي امڙ سيشن ڪورٽ  عمرڪوٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاء درخواست داخل ڪئي ھئي  جنھن جي 8 اپريل تي ٻڌڻي رکيل آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.