پيپلزپارٽي وارا ٻڌائن ته پوليس ۾ ڪيترا مقامي ماڻهو ڀرتي ٿيا: حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر ) امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي 16 سالن کان حڪومت ۾ آهي، ٻڌايو ته پوليس کاتي  ۾ ڇا ڪيو ويو آهي؟ صحافين سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پوليس ۾ڪيترا مقامي ماڻهو ڀرتي ٿيا آهن، سڄي دنيا ۾ ڪميونٽي پوليسنگ سسٽم آهي، جيڪو مقامي پوليس تي مشتمل آهي۔  چونڊيل نمائندن جي ماتحت ڪميٽيون ٺاهيون وينديون آهن. هن چيو ته فارم 47 تحت نمائندا نه پر فارم 45 تحت چونڊيل نمائندن تي ٻڌل ڪميٽيون ٺهڻ گهرجن. حافظ نعيم جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او کي برطرف ڪرڻ جهڙو بزدلاڻو قدم نه هلندو، گهرو وزير ٻڌائي ته پوليس ۾ ڪراچي جي رهواسين جي ڪيتري نمائندگي آهي، پوليس اهلڪارن جي ڪهڙي حالت آهي ۽ انهن جي تربيت ڪهڙي ٿي آهي؟ انگ اکر ڏيو ته ڪيترا پوليس اهلڪار وي آءِ پي ڊيوٽي تي مقرر ٿيل آهن. هن چيو ته ڪراچي پوليس ۾ ڪراچي جي مستقل شهرين کي اوليت ڏني وڃي ته پوءِ مسئلو حل ٿي ويندو. ھن چيو تھ ڪراچي ۾ڪميونٽي پوليس  وارو نظام لاڳو ڪري پوليس کي تربيت ڏني وڃي، جيڪڏهن لوڪل گورنمينٽ سسٽم تحت پوليس جو نيٽ ورڪ قائم ڪيو وڃي ته صورتحال بهتر ٿيندي. امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته هي نظام مسلط ڪرڻ وارا سڀ کان وڌيڪ تباهي جا ذميوار آهن. حافظ نعيم چيو ته جن جي هٿ ۾ قانون آهي، اهي قانون تي عمل ڇو نٿا ڪن، اهي چورن جي سرپرستي ڇو ڪري رهيا آهن؟ ان حوالي سان مسئلو ڪھڙو آهي، مان سڀني ذميوارن کي چوان ٿو تھ اچو ڳالهايون، اسان ھر قسم جو سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، رڳو زباني ڳالھھ ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.