ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) نيو ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪندڙ نوجوان جي قتل جو مک جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو. ان حوالي سان ڊي آءِ جي ويسٽ زون عرفان علي بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي ايس ايس پي سينٽرل ذيشان صديقي، ايس ايس پي ويسٽ حفيظ الرحمن بگٽي ۽ ايس پي انويسٽيگيشن عارب مهر به ساڻس گڏ هئا. عرفان بلوچ چيو ته 24 مارچ تي نيو ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ فوم جي دڪان تان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن عبدالرحمان نالي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي سينٽرل جي سربراهي ۾ ٽيمون جوڙيون ويون. هن چيو ته نيو ڪراچي سيڪٽر 5 ايڇ ۾ پوليس مقابلي ۾ جوابدار افضل حسين مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي زخمي ٿي پيو. جاچ دوران پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيل جوابدار انڪشاف ڪيو ته مارجي ويل جوابدار عبدالرحمان جي قتل ۾ ملوث هو ۽ انهن ئي جوابدارن فوم جو دڪان ڦريو هو. نوجوان عبدالرحمان جوابدار کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري عبدالرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو ڊي آءِ جي عرفان بلوچ موجب ان ڏينهن کان هو ٽيڪنيڪل طريقي سان هن ڪيس تي مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي. ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي ٻڌايو ته مارجي ويل جوابدار افضل حسين خلاف بلال ڪالوني، منگھوپير، اجمير نگري، اي سي ايل سي، پاڪستان بازار، حيدري، اورنگي ٽائون ۽ جمشيد ڪوارٽر ۾ درجن کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جو چوڻ هو ته ضلعي اولهه ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث هڪ گينگ کي به بي نقاب ڪيو ويو آهي، ان ڪارروائي ۾ 8 جوابدارن جي گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي.