ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ لانڌي واري علائقي ۾ 7 سالن جي معصوم ٻار جي اغوا ۽ بيدردي سان قتل ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس معصوم ٻار سان زيادتي ۽ قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن گرفتار جوابدارن سهيل قريشي ۽ احسن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جوابدار احسن 7 سالن جي ٻار سان زيادتي ۽ قتل جو اعتراف ڪيو، جوابدار احسن پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ٻار کي گمراهه ڪيو ۽ زيادتي ڪرڻ کان پوءِ شرمندگي کان بچڻ لاءِ ٻار کي قتل ڪيو، جوابدار احسن بيان ۾ چيو ته پهرين هُن ٻار جي مٿي تي بلاڪ سان وار ڪيو، جنهن کان پوءِ هو جيئرو هو، ٻار کي گهٽو ڏيڻ کان پوءِ به هو ساھ کڻي رهيو هو، اهو لڳي رهيو هو ته هو بچي ويندو، جوابدار احسن اعترافي بيان ۾ چيو ته هن ٻار کي ٻيهر مضبوط بلاڪ سان وار ڪيو، جنهن سان ٻار مارجي ويو، عدالت جوابدار احسن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جوابدار سهيل قريشي جو اعترافي بيان پڻ رڪارڊ ڪيو ويو.