ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف جسقم ۽ جساف بشير خان قريشي گروپ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪوٽڙي ۾ جسقم ۽ جساف بشير خان گروپ پاران جساف اڳواڻ جي گرفتاري ۽ وي سي شھيد بينظير آبادا کي ھٽائڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو، جساف اڳواڻ حنان عباسي جي گرفتاري ۽ وي سي شھيد بينظير آباد يونرسٽي کي ھٽائڻ لاءِ المدينا چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري پريس اڳيان مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن خالق پنھور، لياقت خاضخيلي، فاروق پنھور ۽ ٻين چيو ته جساف جي صدر ۽ شاگرد اڳواڻن کي انتظامي نااهلي سبب گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. حنان عباسي ۽ نثار شاهه کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ٽنڊو محمد خان ۾ جسقم شھيد بشير خان پاران جساف جي مرڪزي صدر حنان عباسي ، سيف مستوئي ، جسقم ضلعي نوابشاهه صدر ناصر شاھ جي گرفتارين خلاف ضلعي چيف آرگنائيزر گل شير ڪولاچي، ڊپٽي آرگنائيزر جاويد ھاليپوٽو ، آرگنائيزر فقير سليم ھاليپوٽو ، جساف ضلعي چيف زوھيب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، شھدادڪوٽ ۾ به جسقم بشير خان قريشي جي ڪارڪنن جساف اڳواڻ حنان عباسي جي گرفتاري خلاف ضلعي آرگنائيزر الطاف سومرو،معتبر چانڊيو ۽ آغا ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ڪالاڻي هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، سجاول ۾ به قومي ڪارڪنن جي گرفتارين محمد خان، منظور ميمڻ، ايوب کوسو ، ممتاز ساند ۽ شاھجھان لغاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ قومي ڪارڪنن خلاف پوليس ڪارروائي خلاف احتجاجي تحريڪ زور وٺي وئي،جساف بشير خان قريشي سنڌ جي صدر حنان عباسيءَ کي بنا ڪنهن الزام جي گرفتاريءَ بعد سياسي ماحول ۾ تڪرار پيدا ٿي ويو،گذريل ڏينهن نوابشاهه اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اٽالن، عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان واپس ايندي اسپتال روڊ تان حنان عباسيءَ کي حراست ۾ وٺي ان خلاف ڪيس داخل ڪيو، جنهن تي قومي حلقن ۽ شاگرد تنظيمن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ، حنان عباسيءَ جي آزادي لاءِ جسقم شھيد بشير خان جي اڳواڻ سيد ناصر شاهه، سيف مستوئي ۽ درجنين ڪارڪنن نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي ڌرڻي دوران ڊي ايس پي سٽي، ايس ايڇ او اي سيڪشن ۽ وڏي پوليس نفري پهتي ۽ مظاهرين سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، پر ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي سيد ناصر شاهه، سيف مستوئي سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ويو. انهيءَ عمل خلاف جسقم جي ٻين اڳواڻن ڪاشف لاکو، پير مشتاق، پيار علي رند ۽ ٻين ڪارڪنن ٻيهر احتجاجي مظاهرو ڪندي انتظاميا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوابشاهه پوليس بنا جواز قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رهي آهي ۽ انهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، انهن جو چوڻ هو ته پرامن ڪارڪنن جو قصور رڳو اهو آهي ته اهي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ ۽ شاگردن جي جائز مطالبن لاءِ آواز بلند ڪن ٿا، جنهن جي بدلي ۾ کين من گھڙت ڪيسن ۾ ڦاسائي پريشان ڪيو وڃي ٿو، خيرپور ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران شاگرد اڳواڻ حنان عباسي ۽ ٻين جي گرفتاري خلاف خيرپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي احسان سنڌي، سجاول ڦلپوٽو،آڪاش بلوچ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، سوڀوديرو ۾ جسقم ۽ جساف ڪارڪنن ڪرم سامٽيو، حاڪم منگي، ڪاشف ڀاڳت، قوثين لاڙڪ ۽ ٻين ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، پيرڳوٺ ۾ جساف جي مرڪزي سڏ تي جساف پاران قومي ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ذيشان مڱريو، عرفان ٻپڙ ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي، ڦلجي اسٽيشن ۾ به جسقم ۽ جساف جي مرڪزي سڏ تي قومي ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف رمضان پنهور، لالا ظهير سومرو، شڪيل پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين ڌرڻو هنيو ويو، پڊعيدن ۾
جسقم ۽ جساف ڪارڪنن پاران نصرت ڪيئنال پل کان يونائيٽيڊ پريس ڪلب تائين انعام گل مري،سارنگ بڙدي ، عظيم خاصخيلي پپن سنڌي، اسد اِبوپوٽو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هالاڻي ۾ به جسقم ۽ جساف بشير خان قريشي گروپ جي ڪارڪنن غازي خان گاڏھي، سنڌي جميل خاصخيلي، صداقت گاڏھي، مقصود سھتو، نجف چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نوابشاه يونيورسٽي جي وي سي مدد علي شاهه جي شاگرد دشمن پاليسين خلاف جسقم اڳواڻ حنان عباسي احتجاج ڪيو جنهن تي پوليس ڪوڙيون ايف آءِ آرون ڪري کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن تي نوابشاهه پوليس پرامن ڪارڪنن کي جبري اغوا ڪري کڻي وئي، قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هراسان ڪيو پيو وڃي، هنن گهر ڪئي ته نوابشاهه يونيورسٽي جي وي سي مدد شاهه کي عهدي تان هٽايو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙي ايف آر ختم ڪئي وڃي ٻي صورت پوري سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي .