خيبرپختونخوا ۾ مُلا نذير گروپ خلاف سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 17 خارجي مارجي ويا

راولپندي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 17 خارجي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، خيبر پختونخوا جي علائقي لڪي مروت ۾ ملا نذير گروپ جي دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي 26 ۽ 27 سيپٽمبر تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪ فوج، اسپيشل سروسز گروپ ۽ سي ٽي ڊي حصو ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني سان نشانو بڻايو، آپريشن ۾ ڀارتي پراڪسي يافتا 17 خارجين کي دوزخ ڀيڙو ڪيو ويو .
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل خارجين وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ آيو، دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڪاروائين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگرد معصوم شهرين جي قتل سميت ڪيترين ئي دهشتگر ڪارروائين ۾ ملوث رهيا، جڏهن ته ڪنهن به ٻئي ڀارت نواز خارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ملڪ مان ڀارتي سرپرستيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.