ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل آمريڪا ۽ روس جي سازش، آخري ملاقات ۾ بينظير جي روئڻ سان ماحول سوڳوار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ڀٽو ڪيس ۾ اڳوڻي اسسٽنٽ جيل سپرنٽينڊنٽ مجيد قريشي چيو آهي ته بغاوت ڪيس ۾ خان عبدالولي خان قيد هو، هو وضع دار ۽ اصول پسند سياستدان هو، هن جيل ۾ ڪنهن کي به تڪليف نه ڏني ۽ نه ڪا فرمائش ڪئي،اعزاز سيد کي وي لاگ ۾ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته 77ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي الزامن کان پوءِ مخالف ڌر اڳواڻن نوابزاده نصرالله خان، بيگم نسيم ولي، ايئر مارشل اصغر خان ۽ ٻين جماعت اسلامي اڳواڻن کي سب  جيل سهاله ۾ رکيو ويو هو،منهنجي ڊيوٽي اتي هئي، انهن ڏينهن ۾ پروٽوڪول ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ انهن اڳواڻن سان ملڻ ايندو هو ، منهنجي موجودگي ۾ انهن اڳواڻن کي ڪوڪوڪولا ۾ شراب ملائي پيارڻ جو واقعو ڪڏهن به نه ٿيو هو، هن چيو ته ايئر مارشل اصغر خان جيل ۾ عملي کي ٽف ٽائم ڏيندو هو، منهنجي ڀٽو سان پهرين ملاقات پي سي هوٽل لاهور ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي اجلاس جي موقعي تي ٿيو،مان تڏهن اين ايف ايس ۾ هئس، هن چيو ته جڏهن ڀٽو کي پنڊي ۾ قيد ڪيو ويو ته ان وقت مون کي چيو ويو ته سهالا جيل ۾ هڪ اهم شخصيت اچي ترسندي توهان ان جي سارسنڀال ڪجو، مان انتظام ڪري رهيو هئس ته هڪ گاڏي ۾ بريف ڪيس کڻي هڪ شخص لٿو جنهن پنهنجو تعارف ايف ايس ايف جي ڊائريڪٽر جنرل  مسعود محمود طور ڪرايو ۽ هن هڪ خراب گار ڏيندي چيو ته ان(ڀٽو) کي ڏسي وٺندس تڏهن مون کي خبر پئي ته مسعود محمود کي قصوري ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف سلطاني گواهه بڻايو پيو وڃي، هن جو بيان عدالت ۾ ٿيڻ کان پوءِ کيس اتان واپس موڪليو ويو،جيل ۾ فوجي هن سان ملڻ نه ايندا هئا، هن چيو ته ڀٽو کي سهالا سب جيل ۾ رکيو ويو، پوءِ کيس لاهور منتقل ڪيو ويو، هڪ سال اتي رهيو، 16 مئي تي واپس پنڊي جيل ۾ موت جي سزا ملڻ کانپوءِ کيس منتقل ڪيو ويو،جنهن گاڏي ۾ کيس آندو ويو ان گاڏي جو دروازو مون کوليو هو هن چيو ته ڀٽو صاحب مون کي ڏسندي ڪاوڙ ۾  چيو ته ڏس مجيد انهن مون کي هتي ڪيئن پهچايو آهي؟ جنهن تي مون کيس چيو ته اها اسان جي ڊيوٽي نه هئي، ڀٽو صاحب کي اتي 6 ڪمرن تي مشتمل هڪ بيرڪ ۾ رکيو ويو، ڀٽو صاحب کي ڪمري ۾ منتقل ڪري جيل سپرنٽينڊنٽ چوڌري يار محمد چانهه گهرائي ،ڀٽو صاحب کان چوڌري يار محمد پڇيو ته هي توهان تي جيڪو قتل جو ڪيس بڻايو ويو آهي ان جي حقيقت ڇا آهي جنهن تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جواب ڏنو ته سڀ ڪوڙ آهي، مون ڪنهن کي به قتل جو حڪم ناهي ڏنو، اها ته آمريڪا ۽ روس جي سازش آهي، مان مسلم ورلڊ جو بلاڪ بڻائڻ چاهي پيو جنهن جا اهي مخالف هئا، مان ڪنهن به قتل ۾ ملوث ناهيان، هن چيو ته ڀٽو صاحب مون کي چڱي ريت سڃاڻيندو هو، هن جون  وڪيلن غلام نبي ميمڻ، يحيٰ بختيار ۽ دوست محمد اعواڻ سان ريگيولر ملاقاتون ٿينديون هيون، هڪ اڌ ڀيرو حفيظ پيرزادو به ايندو هو، 15 ڏينهن ۾ بيگم نصرت ڀٽو ،شهيد بينظير ڀٽو به ملاقات لاءِ اينديون هيون، هڪ ڀيرو هن جي پهرين گهرواري امير بيگم به ملاقات لاءِ آئي هئي،هن کي قيمو گهڻو پسند هو، هو تمام گهٽ کاڌو کائيندو هو، هن وٽ ڪتاب هوندا هئا، هيرالڊ،ٽائمز ميگزين ۽ انگريزي اخبارون پڙهندو هو، هن چيو ته هڪ موقعي تي ڀٽو صاحب مون کي انگريزي رسالو موڪلي ڏنو ته ان کي پڙهه، مون ان جو ڪور ڏٺو ته ان ۾ فوجي وردي سان جنرل ضيا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير لڳل هئي ۽ وچ ۾ ڦاهي واري رسي ڇاپيل هئي، مان اهو رسالو کڻي ڀٽو صاحب کي چيو ته رسي هڪ آهي، ماڻهو ٻه آهن، توهان سياستدان آهيو،ڪو رستو ڪڍو،ڀٽو صاحب ٿورو اپ سيٽ ٿي ويو، ڀٽو صاحب جون ڀينرون ڪڏهن کيس ملڻ نه آيون، سپريم ڪورٽ ۾ ڀٽو صاحب پاڻ چيو ته مان پاڻ دفاع ڪندس، هن سڀ کان پهرين هڪ گواهه  ڊي آءِ جي پوليس ميان غلام عباس کان سوال ڪيو  ته توهان جي سروس ڪيتري آهي جنهن تي غلام عباس چيو ته 21،20 سال ٿي ويا آهن،ڀٽو صاحب کيس چيو ته انهن 20،21 سالن ۾ مون ڪڏهن توهان ڏانهن پيغام موڪليو ته منهنجو فلاڻو ڪم ڪيو جنهن تي غلام عباس جواب ڏنو ته جي نه، ڪڏهن مون فون ڪيو،چٽ موڪلي هن انڪار ڪيو، جنهن بعد ڀٽو صاحب عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته نه مان هن کي ڪڏهن ڪو پيغام موڪليو نه ڪا چٺي موڪلي،نه منهنجي طرفان ڪو شخص هن وٽ پيغام کڻي پهتو ته پوءِ قتل جي سازش جو وجود ڪٿي آهي؟باقي جيڪي ٽي گواهه آهن اهي منهنجي ليول جا ناهن انهن کان سوال نه ڪيو،جنهن بعد هڪ گواهه غلام مصطفيٰ قرآن هٿ ۾ کڻي چيو ته مان هن پاڪ ڪتاب جو قسم کڻي چوان ٿو ته هي شخص جنهن جو نالو ذوالفقار علي ڀٽو آهي ان جي حڪم تي اسان گولي هلائي هئي، ان جي ڪري احمد رضا قصوري قتل ٿي ويو،هن چيو ته 31 مارچ تي مون کي چيو ويو ته لاهور مان اهم شخصيت اچي رهي آهي، ان کي ايئرپورٽ تان وٺي اچو،پنجاب مان گهرو وزارت جو سيڪشن آفيسر هو، مان هن کي گهرو وزارت وٺي آيس،هن اتي گلابي رنگ جو لفافو گهرو سيڪريٽري کي ڏنو مان سمجهي ويس ته گلابي رنگ جو لفافو ته موت جي سزا جي قيدين لاءِ هوندو آهي ۽ اهو پڪ سان ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ هوندو،مان ان وقت ڊپٽي گهرو سيڪريٽري سبط حسن نقوي جي ڪمري ۾ ويٺل هئس جنهن چيو ته سٺو ماڻهو(ڀٽو) هو ان کان ته کيس جلاوطن ڪري ڇڏين ها،اهو سٺو فيصلو نه پيو ٿئي، مون کي پڪ ٿي وئي ته هاڻي ڀٽو صاحب کي ڦاهي ملندي، هن چيو ته مان جڏهن جيل واپس پهتس ته سيڪيورٽي غيرمعمولي هئي، بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جيل ۾ آيل هيون، بينظير جي اکين ۾ لڙڪ هئا، نصرت ڀٽو بضد هئي ته مان جسماني تلاشي نه ڏينديس، بيگم نصرت ڀٽو چيو ته ڇا اها اسان جي آخري ملاقات آهي، جنهن تي چوڌري يار محمد چيو ته ٿي سگهي ٿو ، ڀٽو صاحب جنگلي وٽ زمين تي ويٺل هو، بينظير ڀٽو جنگلي مان هٿ اندر ڪري ڪيڏي مهل پنهنجي پيءُ جا هٿ چمي رهي هئي ڀٽو صاحب به سندس مٿي تي چميون ڏئي رهيو هو، هو گهڻو روئي رهي هئي، والد سان ڳالهائي رهي هئي، بيگم نصرت ڀٽو به چپ جو مجسمو بڻجي روئي رهي هئي اهي منظر تمام ڏکوئيندڙ هئا، بينظير درخواست ڪئي ته ڇا پيءُ ۽ ڌيءُ کي جنگلي کان بغير ملڻ جي اجازت نٿي ملي سگهي پر اهو جنگلو ٻنهي وچ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهيو، ان ملاقات کان پوءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي ٻڌايو ته اها توهان جي آخري ملاقات هئي،تڏهن بيگم نصرت ڀٽو چيو ته مان جنرل ضيا سان ملڻ چاهيندس، سيڪيورٽي انچارج ڪرنل رفيع کي گهرايو ويو ، هو بيگم نصرت ڀٽو کان هڪ ڪاغذ تي لکرائي ويو اها چٺي جنرل ضيا کي ملي يا نه ان جي مون کي خبر ناهي، ڪرنل رفيع ٿوري دير بعد اچي کين ٻڌايو ته جنرل (ضيا) جو جواب آهي ته هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، بعد ۾ ماءُ ڌيءُ کي هڪ ئي پوليس گاڏي ۾ ويهاري سهالا سب جيل ۾ رکيو ويو، ان ڪاغذ تي بيگم نصرت ڀٽو جنرل ضيا کان معافي بابت ڪجهه به نه لکيو هو، هن چيو ته ڀٽو صاحب جنرل ضيا لاءِ جيل ۾ مخالفاڻيون ڳالهائيندو ڪندو  هو ۽ چوندو هو ته جنرل مون کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس ٺاهيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪمري ۾ ڪئميرائون لڳل هيون ۽ رڪارڊنگ ٿيندي هئي، ڪرنل رفيع ۽ فوجي اختيارين اهو ڪم ڪيو، ڦاهي واري رات مون کي چيو ويو ته ڀٽو کي ڦاهي لاءِ تيارڪريو، جڏهن مان سندس ڪمري ۾ ويس ته هو ڪمبل اوڍي ننڊ پيل هو، مان کيس چيو ته اڄ توهان جو آخري ڏينهن آهي، ڀٽو چيو ته ڪڏهن، هن کي خبر نه هئي ته کيس اڄ ئي ڦاهي ڏيڻي آهي، هن وهنجڻ ۽ هٿ منهن ڌوئڻ کان به انڪار ڪيو، هن چيو ته بعد ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ چوڌري يار محمد،ڪرنل رفيع، مئجسٽريٽ بشير خان اچي ويا، بشير خان ڀٽي صاحب کي چيو ته توهان پنهنجي وصيعت لکرايو، جنهن تي هن جواب ڏنو ته وصيعت هاڻي ڪتابن ۾ لکي ويندي، هن کي شلوار قميص پاتل هئي، مون کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته مون کي ڪافي گهرجي، سپرنٽينڊنٽ چيو ته ڪافي نه ملندي، ڀٽو چيو ته مان ائين ڦاهي گهاٽ نه هلندس جنهن بعد اسان چار ماڻهن کيس ٻانهن ۽ ڄنگهن مان پڪڙي اسٽريچر تي رکيو، ڀٽو صاحب خاموش رهيو ،رستي ۾ رڳو هن هڪ جملو چيو ته هوءَ اڪيلي ٿي ويندي هن چيو ته مون سوچيو ته اسٽريچر يا ڪرسي ذريعي ڦاهي ڏيڻ سان اسان خلاف ٻاهر جي دنيا ۾ ممڻ مچي ويندو مون ڀٽو صاحب جي ڪن ۾ وڃي چيو ته سر ،توهان تاريخ ٺاهيندڙ آهيو، سامهون ڦاهي جو ڦندو آهي،توهان گهڻن ماڻهن ۾ ڏسجي رهيا آهيو،اٿو چمي ڦاهي ڦندي کي ڳلي لڳايو،جنهن بعد ڀٽو صاحب اٿي پيو، مان کيس ڦٺي تي بيهاريو، تارا مسيح رسي کي تيار ڪري رهيو هو ۽ هن ڀٽي صاحب جي منهن تي ڪارو ڪپڙو چاڙهيو،ڀٽو صاحب مون کي سڏ ڪندي چيو ته قريشي، هي ڪپڙو هٽائي ڇڏيو،هي هن جا آخري لفظ هئا، ان کان اڳ جڏهن خواجا غلام حسين ڦاهي جو حڪم نامو پڙهيو رهيو هو ته ڀٽو صاحب مسڪرائي رهيو هو، هن کي لڳو ته مون کي چيڙائڻ لاءِ ڊرامو ڪري رهيا آهن، آرمي وارن پاران ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ جي وڊيو ٺاهي وئي هئي،23 منٽن تائين ڀٽو جو مڙهه لٽڪيل رهيو ان وقت ماحول افسرده هو، ڀٽو جي لاش جا فوٽو به ڪڍيا ويا.

نوٽ: هيءَ اسٽوري، روزاني عوامي آواز، جمعو 05 اپريل 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.