بشريٰ بي بي کي زهر ڏيڻ جي تصديق ناهي ٿي: ذاتي ڊاڪٽر

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي ذاتي ڊاڪٽر عاصم يوسف چيو آهي ته بشرا بي بي کي زهر ڏيڻ جي تصديق ناهي ٿي.  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم يوسف چيو ته بشرا بي بي سان ملاقات ڪري سندس معائنو ڪيو، کيس زهر ڏيڻ جي ڪا شاهدي نه ملي آهي، نه ئي سندس اهڙي ڪا ٽيسٽ ٿي آهي.ڊاڪٽر چيو ته 2 مهينا اڳ کاڌو کائڻ کانپوءِ بشرا بي بي جي حالت خراب ٿي وئي، کيس کاڌو کائڻ، ڳهڻ ۽ هضم ڪرڻ ۾ ڏکيائي هئي، بشرا بي بي کي خدشو هو ته کاڌي ۾ مرچ وڌيڪ هئا. ڊاڪٽر عاصم موجب هن وقت بشرا بي بي کي اهڙي ڪنهن به مسئلي جي تصديق نه ٿي آهي، بهتر هوندو ته چيڪ ڪيو وڃي ته ڪو سنگين مسئلو ته ناهي. هن چيو ته بشرا بي بي جي صحت اڃا ٺيڪ ناهي، هاڻي هوءَ گهٽ کائي رهي آهي، پهريان ٻه مهينا بيمار رهي، ان وقت خبر ناهي ته کيس ڇا ٿيو  هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.