پريا ڪماري لاءِ احتجاج جاري، مظاهرو ڪندڙ سنجيده ٿين، خدا ڪري نياڻي زنده هجي: جي آءِ ٽي

سکر (رپورٽر ) سکر جي علائقي سنگرار مان ڏهين محرم جي ڏينهن سبيل هلائيندي مبينا طور  اغوا ٿي ويل معصوم نينگري پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آئي ٽي ٽيم سکر پهتي جتي جي آئي ٽي ٽيم جي سربراھ ڊي آءِ جي ميرپور خاص جاويد سونهارو جسڪاڻي ميمبر ايس ايس پي نوابشاهه تنوير تنيو ۽ ميمبر ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ سان گڏ ايس ايس پي آفيس سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ حڪومت پهريان به ايس ايس پي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي هئي پر ڪجھ سببن ۽ آفيسرن جي بدلين سميت اها جي آئي ٽي ڪو رزلٽ نه ڪڍي سگهي جنهن سبب هاڻ سنڌ حڪومت ٻيهر ڊي آءِ جي سطح تي منهنجي نگراني ۾ ٻن سٺي ساک رکندڙ ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ امجد شيخ جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي آهي جنهن پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ اسان وڌيڪ ننڍيون ننڍيون ٽيمون جوڙي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي اسان جي پريس ڪانفرنس جو مقصد اهو آهي ته عوام اسان جو مڪمل ساٿ ڏي ۽ جنهن کي به ان متعلق ڄاڻ هجي ته هو مونکي ۽ منهنجي ٽيم کي اها ڄاڻ ڏي ته جيئن معاملي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ سان معصوم کي آزاد ڪرائي وارثن حوالي ڪري سگهجي، ڊي آءِ جي جاويد سونهاري چيو ته اسان ڪنهن به سياسي معاملي ۾ وڃڻ نٿا چاهيون ماڻهن کي ملڻ سان ئي حقيقت جو پتو لڳي ويندو، مان انهن ماڻهن کي دعوت ڏيان ٿو جيڪي بينر کڻي روڊن تي احتجاج ڪندا آهن هاڻ اهي سنجيدگي جو مظاهرو ڪري حقيقت تي مبني ڳالهيون ۽ سچائي اسان کي ٻڌائن ته جيئن اصل حقيقت جي خبر پئجي سگهي، ڊي آءِ جي جاويد سونهارو وڌيڪ چيو ته دعا ڪيو ته معصوم پريا ڪماري زندھ هجي ۽ هن کي آزاد ڪرائي سگهجي جڏهن ته سنگرار جي آس پاس جي نالن جون پڻ صفايون ڪرايون وينديون ۽ انهن کي به مڪمل چيڪ ڪبو ته خدا نه ڪري معصوم کي قتل ڪري اڇلايو ويو هجي، اسان جاچ کي مڪمل وسيع ڪنداسين ۽ ماڻهن جي حوالي ڳالهين بجاءِ حقيقت تي مبني ثبوت هٿ ڪري ٽن هفتن ۾ مڪمل رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪنداسين، جاويد سونهاري چيو ته وقت سر معاملي جي جاچ صحيح نه ٿيڻ ڪري معاملو پراڻو ۽ بلائينڊ ڪيس ٿي ويو آهي جنهن جي حل لاءِ اسان پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ڪنداسين صرف عوام کي گذارش آهي ته هو اسان سان مڪمل سهڪار ڪن ته جيئن معصوم پريا ڪماري جي گم ٿيڻ جي اصل حقيقت ظاهر ڪري سگهجي، سوشل ميڊيا تي پريا ڪماري جي اغوا جي الزام هيٺ آيل شاهد شاهه کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ واري صحافي جي سوال تي ڊي آءِ جي جاويد سونهارو جسڪاڻي چيو ته پريا ڪماري جا وارث جنهن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ چوندا شامل ڪنداسين باقي فيصلو جي آءِ ٽي ڪندي، پريس ڪانفرنس دوران ڊي آءِ جي جاويد سونهارو سان گڏ ايس ايس پي تنوير تنيو، ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ايس ايس پي سکر عابد بلوچ پڻ گڏ هئا.

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سکرجي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿيل معصوم  نينگري پريا ڪماري کي هن وقت تائين پوليس ۽ سنڌ سرڪار آزاد نه ڪرائي سگهي، سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، خيرپور، ٺٽو، جهمپير، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا، ميرپورماٿيلي ۾ پريا ڪماري جي آزادي ۽ کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا جو پيادل احتجاجي مارچ ميرپورماٿيلي پھتو، احتجاجي مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌي انعام، نصرالله گڏاڻي، ڊاڪٽر نظير کوکر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تھ ڌارين جي سنڌ مٿان يلغار آھي جيڪي سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ ڪري رھيا آھن جيڪي ھٿ سان بدامني  پکيڙي رهيا آهن، رياست پ پ جي حڪومت ذريعي سنڌ ۾ بدامني پکيڙي رهي آهي، پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙن کي رياست، پ پ ۽ وڏيرن جي سپورٽ حاصل آهي، جھمپير ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، عون علي پالاري، جميل پالاري، ياسين درس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ شھر جي شاھي بازار ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ڪارڪنن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جھنڊا کنيل ھئا، جيڪي ”پريا ڪماري کي آزاد ڪريو“، جھڙا زوردار نعرا ھڻي رھيا ھئا، سيتا سرجڻهار فورم پاران 22 مهينا اڳ اغوا ٿيل سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد کي 7 ڏينهن ٿي ويا، فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڪڪڙ پريس ڪلب ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران مرڪزي سڏ تي اڳواڻن معصوم بخاري، ممتاز مصطفيٰ ، سرمد بروهي، گهايل لغاري، سيد نثار شاھ، مارو جمالي، ڊاڪٽر عبدالرحيم ساريو ۽ ٻين پاران پريس ڪلب پهچي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو، اڍائي سالن کان گم ٿيل معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي  آزادي لاءِ ٺٽي ۾ پاڪستان امن فورس پاران دليپ ڪمار، يعقوب ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.