پي ٽي آءِ پاران عيد کانپوءِ گرينڊ الائنس جي جلسن جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات بعد عيد کانپوءِ گرينڊ الائنس جي جلسن جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اهڙيون راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، اسد قيصر، شبلي فراز ۽ شاهه فرمان ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني جو پيغام آهي ته چوري ٿيل مينڊيٽ لاءِ جدوجهد جاري رکو، هن چيو ته عدليه سان گڏ بيهو. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته  مينڊيٽ جي چوري خلاف آواز اٿارڻ لاءِ عمر ايوب، شبلي فراز، نعيم پنجوٿا ۽ ٻين تي ٻڌل نئين ڪميٽي جوڙي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته بشرا بي بي عمران خان جي طاقت آهي ڪمزوري ناهي، بشرا بي بي کي کاڌي ۾ زهر ڏنو ويو، هاڻي سندس ٽيسٽون ڪرايون وينديون. عيد کانپوءِ گرينڊ الائنس جو جلسو ٿيندو، عيد کانپوءِ ڀرپور تحريڪ شروع ڪنداسين۔ جماعت اسلامي، سني تحريڪ سميت سموريون پارٽيون اسان سان گڏ هونديون، 12 اپريل تي ڪوئيٽا ۾ اجلاس ٿيندو، پهريون جلسو پشين ۾ ٿيندو ۽ ان کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ جلسن جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته ججن تي دٻاءُ وجهي ملڪ کي بنانا ريپبلڪ بڻايو ويو. سپريم ڪورٽ کي ميرٽ تي معاملي کي ڏسڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، اسان کي مينڊيٽ جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي، جن کي عوام رد ڪري ملڪ تي انهن کي مڙهيو ويو. ڪي پي ڪي جي اڳوڻي شاه فرمان چيو ته عوامي مينڊيٽ جو احترام نه ڪرڻ سان رياست جو نقصان ٿيو، عوام کي رياست سان گڏ بيهڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.