ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ بنا لائسنس ۽ هيلمٽ جي موٽر سائيڪل هلائيندڙن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ موٽر سائيڪلون به ضبط ڪيون ويون.
ان حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪريڪ ڊائون جو مقصد روڊن تي ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ ننڍي عمر وارن کي ڊرائيونگ کان روڪڻ آهي.
عوام ان ڪريڪ ڊائون تي دلچسپ ميمز ذريعي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري رهيو آهي.
ان ئي دوران سوشل ميڊيا تي هڪ دلچسپ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص نه رڳو پاڻ هيلمٽ پائي گڏهه گاڏو هلائي رهيو آهي پر هن گڏهه کي به هيلمٽ پارايو آهي.
جڏهن کانئس پڇيو ويو ته “هن ائين ڇو ڪيو آهي“ ته هن وراڻيو هيلمٽ نه پائڻ تي چالان ٿيو هو.
سوشل ميڊيا واهپيدار ان وڊيو تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
You might also like