عوام جو عدليه تي اعتماد ناهي رهيو،عدالتي سڌارن ڏانهن وڌڻو پوندو:بلاول

لاڙڪاڻو( رپورٽ :عبدالوحيد ابڙو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنهنجي ناني، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت کي وقت ڏنو ويو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍيو ويندو.هن چيو ته عوام جو عدليه تي  اعتماد ناهي رهيو،اسان کي  عدالتي نظام ۾ سڌارن لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، عدالتي سڌارن لاءِ جدوجهد ڪنداسين.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن اليڪشن ۾ عوامي معاشي معاهدي جو اعلان ڪيو هو، سنڌ جو وڏو وزير جلد ترقياتي فنڊن جو اعلان ڪندو، هاري ڪارڊ صوبائي سطح تي جاري ڪيا ويندا.هن چيو ته ڀٽو ريفرنس جو مختصر آرڊر جاري ڪيو ويو آهي، تفصيلي آرڊر جو انتظار آهي، جنهن کانپوءِ ڳڙهي خدا بخش ۾ تاريخي جلسو ڪنداسين،بلاول ڀٽو چيو ته عام چونڊن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڳڙهي خدا بخش ۾ آيو آهيان، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به جلسا ڪنداسين.هن چيو ته چونڊن ۾ ساٿ ڏيڻ تي سڀني جو شڪر گذار آهيان، اوهان جي جدوجهد جي ڪري ئي پيپلز پارٽي کي تاريخي ڪاميابي ملي، اوهان جي جدوجهد جي ڪري ئي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون.بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قدم کڻنداسين، پنهنجي عوام جو آواز بڻجنداسين ۽ مسئلا حل ڪنداسين، اسان کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد کي جاري رکڻو آهي، اسان کي پنهنجي ذميواري جو احساس ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عوام جا نمائندا پنهنجي عوام لاءِ پاڻ منصوبا پيش ڪندا، وڏي وزير مراد علي شاهه کي سڄي سنڌ جو دورو ڪرڻ جو چيو ويو آهي، اسان چونڊن ۾ عوامي معاشي معاهدو پيش ڪيو هو، معاهدي تي سنڌ جي حد تائين عمل ڪنداسين. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ معاهدي تي عملدرآمد لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. بلاول چيو ته اسان صوبائي سطح تي به هاري ڪارڊ متعارف ڪرائينداسين، ننڍن هارين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، بينظير مزدور ڪارڊ تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي.بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان کي عدالتي سڌارن ڏانهن وڌڻو آهي، پاڪستان جي عوام کي انصاف ڏيارڻ چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته هر ڪنهن کي انصاف تيزي سان ملي،ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪيو وڃي، ان کان اڳ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي پي پي ليڊي ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ان موقعي ٻنهي اڳواڻن شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي شهيد مير مرتضي ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي شهيد شاھنواز ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي ان موقعي تي موجود پاڪستان پيپلزپارٽي صوبائي صدر سنڌ نثار احمد کهڙو وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سيد ناصر شاهه اعجاز جکراڻي ذوالفقار  شاهه گل محمد جکراڻي خورشيد احمد جوڻيجو سھيل انور خان سيال، جميل احمد سومرو، ارسلان شيخ ،ڊاڪٽر لالچند ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.