لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط ملي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ججن کي ڌمڪين وارا خط ملڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي کي به شڪي خط مليو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج کي به شڪي خط مليو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس علي باقر نجفي کي شڪي خط ملڻ جي اطلاع بعد سي ٽي ڊي اختياريون ۽ پوليس لاهور هائيڪورٽ پهچي ويا.
جسٽس علي باقر نجفي کي خط ملڻ بعد هاڻي هائيڪورٽ جي ججن کي ملندڙ خطن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، آهي ته شڪي خط کي سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن کي اماڻيل ڌمڪين وارن خطن جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب، سي ٽي ڊي کي خطن مان مليل پائوڊر جي فرانزڪ رپورٽ ملي وئي آهي، خط ۾ مليل پاؤڊر ۾ آرسينڪ جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ خطن ۾ موجود پائوڊر ۾ آرسينڪ جو 10 سيڪڙو مقدار مليو آهي.
ذريعن موجب، پائوڊر ۾ وڌيڪ آرسينڪ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مقدار تمام زهريلو هوندو آهي، ان کي سنگهڻ سان انساني عضون تي سخت اثر پوي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي سب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ ٽائون جي ليٽر باڪس ڀرسان لڳل سي سي ٽي وي وڊيو به حاصل ڪري ورتي آهي، وڊيو ۾ موجود ماڻهن جي سڃاڻپ نادرا ذريعي ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب، سي ٽي ڊي وڊيو ۾ موجود ڪجهه شڪي ماڻهن کان جاچ جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سميت 8 ججن کي شڪي خط مليا هئا، جن تي پائوڊر ۽ ڌمڪين جا نشان مليا هئا.
سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ڌمڪيون ڏيندڙ خط ملڻ تي سي ٽي ڊي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.