ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي به عدالتي معاملن ۾ مداخلت جو نتيجو هئي

اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي آهي جنهن کي ضياء الحق جي ڪاري مارشل لائي دور ۾ 4 اپريل 1979ع تي ڦاهي ڏني وئي هئي. جيتوڻيڪ ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي کي پهرين ڏينهن کان ”عدالتي قتل“ قرار ڏنو ويو هو پر هن سال قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس واري دور ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ قانوني ۽ آئيني طور تسليم ڪيو آهي ته عدالت ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون هيون. ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄوڪي ورسي ان اعتراف جي حوالي سان يادگار آهي.

اهو به اتفاق آهي ته اڄ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ملهائي پئي وڃي ته ان موقعي تي سپريم ڪورٽ اندر عدالتي معاملن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي نشاندهي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس وٺي فل ڪورٽ قائم ڪري ٻڌڻي شروع ڪئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته عدالتي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت جو سڀ کان وڏو ڪيس خود ذوالفقار علي ڀٽي جو آهي. ان کان اڳ به ملڪي تاريخ ۾ عدالتي معاملن اندر ٻاهرين مداخلت ٿيندي رهي آهي.

ذوالفقار علي ڀٽو کي به هڪڙن سياسي ۽ سامراجي مفادن تحت ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ڦاهي ڏني وئي ۽ ان ۾ عالمي توڙي ملڪي طاقتن جو هٿ هو. پ پ جي 2008 واري حڪومت ۾ جڏهن آصف زرداري صدر بڻيو هو ته ان پنهنجي ان صدارتي دور ۾ ڀٽو جو ريفرنس ڪيس ٻيهر کولڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو جنهن تي هن سال 2024 ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌايو ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو ٻڌايو ته اتفاق سان ان وقت به آصف زرداري ئي صدارتي عهدي تي براجمان آهي.

سو اڄ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي وري ملهائي پئي وڃي ته هُو هاڻي عدالت طرفان به ان قتل ڪيس مان سرخرو ٿي چُڪو آهي تنهن ڪري پ پ وارن اهو مطالبو ڪيو هو ته هاڻي ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري طور به ”شهيد“ جو لقب ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ثابت ٿي ويو آهي ته اهو عدالتي قتل هو.

  • سنڌ کي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 150 ايم اي ايف پاڻي گهرجي

رپورٽن موجب ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پهرين اپريل کان 10 جون تائين خريف جي مند ۾ پاڻي جي کوٽ 30 سيڪڙو رهندي. پاڻي جي کوٽ جو سبب وڌندڙ گرمي پد ۽ گلشيئر جي ڳرڻ ۾ دير ڄاڻايو ويو آهي. ان روشني ۾ اجلاس ۾ پنجاب جي ميمبر طرفان ارسا ايڪٽ پيرا ٽو تحت پاڻي جي ورڇ جي مخالفت ڪندي ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورهائڻ تي زور ڏنو. جڏهن ته سنڌ جي نمائندي ٽه رخي فارمولي کي هٿرادو قرار ڏئي ان کي رد ڪيو آهي. اجلاس ۾ واپڊا طرفان به منگلا ڊيم تي ڪم جاري رکڻ لاءِ پاڻي روڪڻ وارو معاملو سامهون آيو آهي. جنهن تي سنڌ طرفان احتجاج ڪيو ويو آهي ته واپڊا صوبن جي اجازت کان سوا ڪم شروع ڪيو.

هن موضوع تي عوامي آواز جي اخبار جي تاريخ ۾ هر دور ۾ ايڊيٽوريل لکيا ويا آهن. ملڪ اندر ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جا بنيادي ڪارڻ به بيان ڪيا ويا آهن ته پاڻي جي کوٽ ۽ بحران جو پهريون سبب هڪ وڏي صوبي طرفان هر دور ۾ پاڻي جي معاهدن جي ڀڃڪڙي رهي آهي. جنرل ايوب خان 1960ع ۾ ملڪ جا ٽي درياهه ستلج، بياس ۽ راوي هندستان کي وڪرو ڪري پاڻي جي بحران جي شروعات ڪئي. انهن ٽن وڪرو ٿيل درياهن کان پوءِ کوٽ جي صورت ۾ سنڌ جي حصي جو 150 ايم اي يف پاڻي پاڻي کنيو ويو. جيڪو وري واپس سنڌ کي نه ملي نه مليو. منگلا ۽ تربيلا ڊيمن پڻ پاڻي جي مقدار ۾ ڪٽوتي ڪئي.

1991 وارو پاڻي جو معاهدو به پنجاب جي ڏاڍ ۽ زور تي ٿيو هو ۽ سنڌ ان معاهدي جي خلاف رهي آهي پر اڄ پنجاب ئي آهي جيڪو 1991 جي معاهدي تي به عمل نٿو ڪري ۽ هاڻي ان جي سئي ٽه فارمولي واري منصوبي تي اٽڪيل آهي. 1991 جي معاهدي تحت سنڌ کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ ڊيلٽا لاءِ گهٽ ۾گهٽ 10 ايم اي ايف پاڻي ملڻ جو فارمولو هو پر عملي طور ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سنڌ کي 2 ايم اي ايف به پاڻي نٿو ملي جنهن ڪري سنڌ اندر هميشه درياهي پاڻي جي کوٽ رهي آهي جنهن جا ماحولياتي ۽ معاشي نقصان پڻ ٿيا آهن.

سو سنڌ کي اصولي طور تي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 1960 کان اڳ وارو 150 ايم اي ايف پاڻي گهرجي تڏهن ئي سنڌ پاڻي جي کوٽ کان بچي سگهندي، ٻيو ڪو حل ناهي ۽ ان ۾ رنڊڪ ملڪ جو هڪ ئي وڏو صوبو آهي جنهن کي ٻين صوبن جو وڏو ڀاءُ سمجهيو ويندو آهي. سو جيستائين اهو وڏو صوبو ٻين ننڍن صوبن جو وڏو ڀاءُ وارو ڪردار ادا نه ڪندو، ڪس ڪسر نه کائيندو تيستائين اهو مسئلو حل نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.