ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي مسافر ڪوچ تي فائرنگ، هڪ مسافر قتل، ٻيو اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتاز سنڌي )ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  انڙواه تي ڪانوائي ۾ ويندڙ مسافرگاڏين تي ڌاڙيلن جي  فائرنگ ۾ هڪ مسافر قتل ٿي ويو،3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  فائرنگ ۾ ڪوچ جي ڪلينر سميت 3 ڄڻا زخمي،ذريعن موجب هڪ مسافر کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو، فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ عابدحسين ،الله بخش نندواڻي شامل آهن، جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، ڌاڙيلن جي  فائرنگ ۾ مارجي ويل خيرپورواسي عنايت الله تنيو  جو مڙهه ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو،جڏهن ته  اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

 

You might also like