ڪنڌڪوٽ ويجهو ڌاڙيلن جي مسافر ڪوچ تي فائرنگ، هڪ مسافر قتل، ٻيو اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتاز سنڌي )ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  انڙواه تي ڪانوائي ۾ ويندڙ مسافرگاڏين تي ڌاڙيلن جي  فائرنگ ۾ هڪ مسافر قتل ٿي ويو،3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  فائرنگ ۾ ڪوچ جي ڪلينر سميت 3 ڄڻا زخمي،ذريعن موجب هڪ مسافر کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ورتو، فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ عابدحسين ،الله بخش نندواڻي شامل آهن، جن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو، ڌاڙيلن جي  فائرنگ ۾ مارجي ويل خيرپورواسي عنايت الله تنيو  جو مڙهه ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو،جڏهن ته  اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.