ڪنڌڪوٽ ۾ سهرياڻي برادري ۽ ٻين جو ٽن مغوين جي آزادي لاءِ 10 ڪلاڪ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي)ڪنڌڪوٽ اغوا ٿيل علي بھار سھرياڻي، سندس معصوم پٽ شمن سھرياڻي معصوم ڀائيٽيي ذيشان سھرياڻي کي مھينو گذرڻ جي باوجود پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي، سھرياڻي برادري جو ڏھ ڪلاڪ تائين انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو، سياسي سماجي اڳواڻن مختلف برادرين جا معززين به شامل، تنگواڻي روڊ تي چانھه جو ھوٽل ھلائي گھر ڀاتين جو گذر سفر ڪندڙ پورھيت علي بھار سھرياڻي سندس معصوم پٽ شمن علي سھرياڻي، ڀائيٽيو ذيشان سھرياڻي کي ھڪ مھينو اڳ ڏوھارين اغوا ڪيو ھو جنهن کي واعدن دلاسن ۽ مھلتن جي باوجود اڃان تائين ٽنھي مغوين کي پوليس ڏوھارين جي قيد مان آزاد نه ڪرائي سگهي، مغوين جي آزادي لاءِ سھرياڻي برادري جي سڏ تي غوثپور طرف ويندڙ روڊ انڊس ھاءِ وي تي صبح جو سوير ٽائرن کي باھيون ڏئي چيف مقدم رحمت خان سھرياڻي، مير مناف خان، اظهر خان سھرياڻي، مير ھوندل خان سھرياڻي، سينگار، عرفان خان سھرياڻي، معشوق خان سھرياڻي، مولوي شمس الدين سھرياڻي، شاھ علي، جواد سھرياڻي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن اين اي 191 تي اليڪشن وڙھندڙ مير شاھزين خان جي يوآف اڳواڻ ۽ ڊسٽڪ ڪائونسل ميمبر سيعداحمدچاچڙ حافيظ خان محمدملڪ  بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، مولوي خان محمد، مولوي جمال الدين اوڳاھي، سجاد بروھي، عرفان جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان روٽ تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند ٿي وئي، صبح کان شام تائين لڳل ڌرڻي سبب مقامي مسافرن سميت ڪراچي، پشاور، لاھور ڏي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون، ٽرڪون، ٽرالر جي مسافرن  ۽ عملي کي روزي ۾ سخت تڪليف مان گذرڻو پيو روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون، اڳواڻن چيو ته امن امان خراب ھجڻ ڪري عوام پريشان آهي ڪو حال نه آهي ضلعو بدامني سبب پوري ملڪ ۾ بدنام ٿي ويو آهي پر حڪومت ۽ پوليس خالي آپريشن ۽ ڏوھارين جي خاتمي جون ڳالھيون ڪري رھيا آهن ھڪ مھينو گذري ويو پورھيت پنهنجي ٻن معصوم ٻارن سميت اغوا ٿيل آهي ھنن جي گھر جو ڇا ماحول ھوندو پر اسان جا چونڊيل نمائيندا به بي بس ويٺل آهن ڪير به بدامني جي خلاف آواز نه ٿو اٿاري ڪنڌ ڪوٽ جو ڪچو اغوا انڊسٽري  بڻجي ويو آهي ڏوھارين ڪچي ۾ پنهنجي رياست قائم ڪري ڇڏي آهي مسلسل ڏھ ڪلاڪ ڌرڻي بعد انتظاميا آخر ڪار ٻيھر چار ڏينهن جي مھلت وٺي چار ڏينهن ۾ مغوي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.