سنڌ هاءِ ڪورٽ: پوليس گم ٿيل علي نقوي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو ته ٻڌل ٻه رڪني بينچ 11گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا، گم ٿيل علي تفوي جي پوليس گرفاتري ظاهر ڪري ڇڏي،رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، عدالت گرفتاري ظاهر ڪرڻ تي درخواست  اڪلائي ڇڏي،  عدالت ٻه مئي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري هدايت ڪندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن.

  1. ريڪوڊڪ ۾ سعودي عرب پاران هڪ ارب ڊالر سيڙپڪاري جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) ريڪوڊڪ ۾ سعودي عرب پاران هڪ ارب ڊالر تائين سيڙپڪاري ڪرڻ  جو امڪان آهي، ناڻي وزارت  ذريعن مطابق او جي ڊي سي ايل ۽ پي پي ايل جا شيئر  سعوديه عرب کي وڪرو ڪيا ويندا، سعوديه عرب پاران سيڙپڪاري ايندڙ مهيني ڪرڻ جو امڪان آهي، سعوديه عرب جي ريڪوڊڪ ۾ سرمايو لڳائڻ لاءِ وزيراعظم ڪميٽي جوڙيندو ناڻي وزارت ڪميٽي ۾ او  جي ڊي سي ايل ،  پي پي ايل ۽ توانائي وزارت جا عملدار به شامل هوندا، ناڻي وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم کي ڪميٽي جوڙڻ لاءِ ناڻي وزارت ۽ توانائي  جي سمري موڪلي ويندي، ڪميٽي جوڙڻ کان پوءِ ڪميٽي ميمبر حتمي ڳاليهن لاءِ سعودي عرب روانا ٿيندا ۽ ريڪوڊڪ ۾ سرمايو لڳائڻ لاءِ پاڪستان ۽ سعوديه عرب  وچ ۾ معاهدو ٿيندو.

  1. ڪراچي ۾ کير وڪرو ڪندڙ کي ڀتي جي پرچي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي علائقي سعيد آباد ۾ کير وڪرو ڪندڙ کي گولي سميت 5 لک روپيا ڀتي جي پرچي ڏني وئي، جنهن م لکيل آهي ته زندگي يا موت اوهان جي هٿ ۾ آهي، تفصيل موجب ڪراچي ۾ ڀتي خورن عيد کان اڳ پنهنجو سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، سعيد آباد ڪٻاڙ مارڪيٽ ۾ کير وڪرو ڪندڙ  کي ڌمڪي وري پرچي ملي آهي، ڀتي خور دوڪان ۾ ٿيلهي اندر گولي رکي پرچي  ڇڏي ويو،

جنهن ۾ ڀتي خورن 5 تاريخ تي 5 لک روپيا ڀتو گهريو آهي، کير وڪرو پاران رينجرز ۽ پوليس اطلاع ڏنو ويو، پرچي تي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته 5  پيٽي گهرجي، زندگي يا موت  اوهان جي هٿ ۾ آهي،

پوليس وٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ناراض ٿيجو، پوليس ۽ رينجرز ڪرائم سين جو دورو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.