گلشن حديد وڊيوز اسڪينڊل: مک جوابدار ڪاشف شاهه گرفتار

ملير (ڊ ر) گلشن حديد ۾ اسڪول جي پرنسپال جي نازيبا وڊيو اسڪينڊل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، مفرور جوابدار کي 4 مهينن کانپوءِ پوليسگرفتار ڪري ورتو، جاچ پوليس جوابدار ڪاشف شاهه کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته مرڪزي جوابدار عرفان ميمڻ اڳ ئي گرفتار آهي، ڪاشف شاهه سي سي ٽي وي ميڪينڪ سان گڏجي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي ھئي، مرڪزي جوابدار عرفان جاچ دوران اعتراف ڪيو ته ڪاشف وڊيو وائرل ڪئي هئي، ڪيس ۾ ڪاشف شاهه جو نالو به شامل هو، پوليس موجب جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ فرار ٿي ويا هئا، پوليس موجب جوابدار کي ملير مان گرفتار ڪيو ويو آهي، 4 مهينا اڳ هڪ اسڪول ۾ مختلف عورتن جون درجنين فحش وڊيوز سامهون آيون هيون، اسڪول جو پرنسپال عرفان عورتن کي نوڪريون ڏئي انهن سان بدتميزي ڪندو هو، اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ جوابدار عرفان ميمڻ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، پوليس ڪارروائي ڪندي مرڪزي جوابدار عرفان ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.