الوداع ! علي حماد

تحرير: ثاقب ابڙو

سال 2004ع ۾، جڏھن حيدرآباد مان سچل ايف ايم 105 ريڊيو پنھنجي نشريات جو آغاز ڪيو ته سنڌي پروگرامن جي لاءِ منھنجو، جڏھن ته اردو پروگرامن جي لاءِ دانش مھدي جي قسمت جو ستارو چمڪيو. سچل ايف ايم جي نشريات شروع ٿيڻ کان اڳ حيدرآباد ۾ ايف ايم 101 جا ڊي_جيز پنھنجو ڌاڪو ڄمايو ويٺا هئا. ۽ انھن مان چئن آر جيز ساجدہ سنبل، ڊاڪٽرمناھل ارم قلباڻي، ثنا قلباڻي ۽ جنيد نصير فاروقي کي سچل 105 جي ٽيم ۾ اسان کان اڳواٽ ئي شامل ڪيو ويو ھو. ۽ سچ پڇو ته تن ڏينھن ۾ سڀني کان وڌيڪ پرستار ايف ايم 101 جي جنهن ڊي.جيَ کي نصيب ٿيا ھئا، ان جو نالو ھو علي حماد. خود منھنجي گھر ۾ پڻ علي حماد جا پرستار موجود ھئا. پر آئون وري ڊي_جيَ الماس جو شيدائي ھيس.

علي حماد جو اندازِ گفتگو، ميوزڪ سليڪشن توڙي ان بعد جلد ئي ڪي ٽي اين تان بطور ماڊل ۽ ڊائريڪٽر سندس ھڪٻئي پٺيان شھرت ماڻيندڙ پراجيڪٽس جي ڪري علي حماد ھڪ سيليبريٽي بڻجي چڪو ھو. حيدرآباد جي دولتاڻي فوٽو اسٽوڊيو ۾ نڪرندڙ علي حماد جون تصويرون سندس پرستارن جي گھرن ۾ ڪنھن مشھور اداڪار جي تصويرن جيئان پھچڻ لڳيون. اھو زمانو علي حماد جيَ عروج جو زمانو ھو. اھڙي ماحول ۾ سچل ايف ايم 105 جي انتظاميا جنهن ۾ شامل ناليوارن براڊڪاسٽرز طلعت حسين ۽ عنايت بلوچ ، سي.اي.او آفاق حيدر شاھ، اسٽيشن مئنيجر عرفان شاھ ۽ ڊائريڪٽر (مرحوم) امجد علي قريشي سچل ايف ايم 105 کي ھڪ اھڙو ريڊيو ايف ايم نيٽ ورڪ بنائڻ جي پيڙھ جو پٿر رکڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا ھئا، جنھن حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ 101 جي سحر ۾ مبتلا سامعين کي 105 جي صورت ۾ مقابلي جو جوڙ ڏيئي ڇڏيو. بس ڪجھه ئي مھينن ۾، 101 جا ڊي_جيز ۽ 105 جا آر_جيز ھڪ ٻئي کان سرسي حاصل ڪرڻ جي شعوري يا لاشعوري ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا. مختلف علائقن ۽ شھرن جي ريڊيو لسنرز ڪلب جي ماڻھن 101 ۽ 105 جي ڀيٽ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ مقبوليت جا پئمانا پاڻ ئي جوڙي ڇڏيا، ۽ ريڊيو جي آرجيز توڙي ڊي.جيز کي ھيروز ۽ ھيروئينز بنائڻ لڳا. ھر ھڪ پروگرام ۾ شامل ميسيجز ۽ ڪالز جي انگ تي بحث مباحثا ٿيڻ لڳا. مونکي به ان ئي زماني ۾ مالڪ جي مھر سان مڃتا، مانُ ۽ اھا سڃاڻپ عطا ٿي جنھن جو ثمر اڃا تائين ڪنھن نه ڪنھن صورت ملندو اچي.

علي حماد وانگيان مونکي به ڪي_ٽي _اين جي اسڪرين تي اچڻ جو موقعو مليو. ساٿي ميزبان ثمرين شاد سان ظلِ ھما جي ڊائريڪشن ۾ ھفتيوار پروگرام ”اوھانجي راءِ“ شروع ڪيم. ۽ ائين علي حماد سان نه صرف ريڊيو جي ڪري پر ڪي_ٽي_اين جي ڪري پڻ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو. مون ساڻس ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ٻڌايو ھو ته سندس شخصيت متعلق جھڙو تاثر جوڙيو ويو آھي، ھُو ان کان بنهھ مختلف آھي. سندس ريڊيو پروگرام ۾ انفراديت واري انداز کيس ٻين ڊي_جيز کان ڌار سڃاڻپ ڏني آھي. مون اعتراف ڪنديَ کيس ٻڌايو ھو ته ماڻھن جون ڳالھيون ٻڌي منهنجو خيال هو ته علي حماد شھرت جي نشي ۾ چُور، آڪڙ ۽ گھمنڊ رکندڙ ماڻھو ھوندو، پر ساڻس ملاقات ۾ خبر پئي ته هُو سراپا صوفي منش، نوڙت نياز سان ملندڙ، چمڪندڙ اکين ۽ معصوم مرڪ مک تي سجائي ملندڙ، تخليقي ذھن جو مالڪ شخص آھي. مون کيس اھو به ٻڌايو ھو ته سندس منفرد انداز جي ڊائريڪشن ۽ گيتن جي چونڊ ھجڻ ڪري ڪي_ٽي_اين جي وڊيوز ۾ ھدايتڪار جو نالو پڙھڻ بغير آئون ٻڌائي سگھندو آھيان ته ھي وڊيو سانگ يقينن علي حماد جو ڊائريڪٽ ٿيل آھي.

ائين زندگيءَ جا سلسلا ۽ منھنجي صحافي دوست اشفاق لغاريءَ جي چواڻي؛ ”نوڪري نه پر مزدوري“ ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي رلائيندي رھي. علي حماد به پنھنجي ذاتي زندگيءَ جي ورن وڪڙن ۾ ڦاسجي ويو. وري اوچتو، سال 2014ع ۾ مون ھڪ ڏينھن پنھنجي فيس بڪ وال تي پوسٽ رکي ته ڊي_جي الماس ۽ ڊي_جي علي حماد جي سِڪَ لڳي آھي. آخر اھي ڪٿي آھن. جوابي پوسٽ ۾ 101 حيدرآباد جي مجاھد شيخ لکيو ته الماس ته فيلڊ ڇڏي چڪي آھي پر علي حماد واپس پروگرام شروع ڪيا آھن. تن ڏينهن ۾ آئون ڪراچي ۾ هيس پر حيدرآباد اچڻ تي خاص سندس پروگرام ٻڌم، ميسيج ڪري شامل ٿيس ۽ ان ڳالهه جي  ايتري خوشي ٿيم جو ان جو اظھار پڻ ” ويلڪم بئڪ علي حماد “ جو عنوان ڏيئي فيس بڪ تي پوسٽ ڪيم، ۽ ملاقاتن جو سلسو ٻيھر شروع ٿيو. بين الاقوامي ادارن لاءِ ماحوليات جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري جي سلسلي ۾ ھڪ اڌ اي ميل ملاقات پڻ ٿي. وري تقريبن پنج سال کن وِٿي اچي وئي. ٻيھر سال 2022ع ۾ مھراڻ يونيورسٽِي ڄامشورو جي ايف ايم ريڊيو ۽ سوسائٽي فيز 1 ۾ ھڪ ٻه ڀيرو ملياسين پر ھن ڀيري منھنجي آڏو ھي ساڳيو ڊي.جيَ سليبريٽي علي حماد نه ھو. ھي ته ڪو ٻيو ماڻھو ھو. اسانجي نِجي ڪچھري ۾ ٿيندڙ راز جون ڳالھيون ھتي بيان ڪرڻ جھڙيون ناھن. پر ھڪ ھشاش بشاش چھرو ھاڻي ڪومايل گل ٿي لڳو. سدائين سندس تخليقي ذھن مان ڦوھاري جيئان ڦُٽندڙ آئيڊياز ۾ ھاڻي زنگ لڳي چڪو ھو. سندس اکين ۾ اڃ ھئي ۽ چپ ٺوٺ محسوس ٿي رھيا ھئا. مون کيس آڇ ڏني ھئي ته مھراڻ يونيورسٽي جي ايف ايم ريڊيو جي لائق ڪا خدمت ھجي ته مان حاضر آھيان، ۽ اھو به ته مون وانگر ھُو به ان پاسي سوچي ۽ همت ڪري، ڇو جو اڃا به پاڪستان جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ ڪئمپس ايف ايم ريڊيو قائم ڪرڻ جي خواھش محسوس ڪري سگھجي ٿي. علي حماد جھڙو ماڻھو کين ملندو ته اھا سندن خوشبختي ھوندي. علي، مونکي خبر آھي توکي ريڊيو مائيڪ جي سِڪَ آھي. توکي ٻيھر اھڙو ماحول جوڙي ڏيڻ ۾ مان مددگار ٿي سگھان ٿو، پر منھنجا جملا سندس ڪنن تائين پھچي الائي ڪھڙي غفا ۾ گم پئي ٿيا جو ورندي پلئه نه پيم. ائين پئي لڳو ڄڻ سندس سمجهھ ۽ سوچ جا سڀ پکي پنھنجي آکيرا خالي ڪري ڪنھن ٻئي ديس جا راھي ٿي چڪا آهن. وٽس منھنجي ڳالھين جي جواب ۾ اڻکٽ خاموشي ھئي. ڪالھه اوچتو علي حماد جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي اھا ساڳي ماٺ پنھنجي من مندر ۾ محسوس ڪري رھيو آھيان. جيڪا علي حماد وٽ آخري ملاقات ۾ ھئي.

شاعر چواڻي:

ماٺ   ۾   ئي   مگر   ٻڌائين   ٿا،

ڪجهھ  ته  ديوار  و  در  ٻڌائين ٿا.

روئي  روئي  ٿڪي سمھي پيو آ،

گھر  جا   خالي  ٺڪر   ٻڌائين  ٿا.

مونکي ان ڳالھه جو افسوس رھندو ته ان ماٺ جي مام ڇو نه پروڙي سگھيس. ساڻس ٿيل انھن چند آخري ملاقاتن کانپوءِ آئون ھن سان مستقل رابطي ۾ ڇو نه رھي سگھيس. سندس حال احوال ڇو نه وٺندو رھيس. بي پناھ خوبين ۽ خصلتن سان حسين گيتن، ريڊيو پروگرامن ۽ ڊاڪيومينٽريز جيَ سرجڻھار، پاڪستان بالخصوص حيدرآباد جي ايف ايم ريڊيو جي ڪامياب تاريخ جڏھن به لکي ويندي ته ان ۾ علي حماد جي مرڪزي حيثيت رقم ڪئي ويندي.

پيارا علي …. ڊي. جيَ علي حماد …. الوداع !

”شال ميلو ٿئي ”منور“ جو مـٺا توسان وري،

اڄ خدا حافظ ڪريون ٿا، ھاءِ ارمان الواداع!“

(ابڙو منور ھالائي)

 

مونکي ان ڳالھه جو افسوس رھندو ته ان ماٺ جي مام ڇو نه پروڙي سگھيس. ساڻس ٿيل انھن چند آخري ملاقاتن کانپوءِ آئون ھن سان مستقل رابطي ۾ ڇو نه رھي سگھيس. سندس حال احوال ڇو نه وٺندو رھيس. بي پناھ خوبين ۽ خصلتن سان حسين گيتن، ريڊيو پروگرامن ۽ ڊاڪيومينٽريز جيَ سرجڻھار، پاڪستان بالخصوص حيدرآباد جي ايف ايم ريڊيو جي ڪامياب تاريخ جڏھن به لکي ويندي ته ان ۾ علي حماد جي مرڪزي حيثيت رقم ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.