اسلام آباد کانپوءِ ٻن ٻين هاءِ ڪورٽن جي ججن کي به شڪايتون

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي جاچ لاءِ رٽائرڊ چيف جسٽس تصدق جيلاني جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل انڪوائري ڪميشن تي سوال اٿي رهيا آهن ته ان جي چاج حاضر سروس ججن کان ڇو نه ٿي ڪرائي وڃي؟جيڪڏھن ججن جي گهرن م ڪئميرائون لڳائي جاسوسي ڪئي وڃي ٿي ته عام شهرين سان ڇا ٿيندو هوندو. ناليواري صحافي حامد مير موجب رڳو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نه پر ٻن ٻين هاءِ ڪورٽن جي ججن کي به اهڙي شڪايت آهي ۽ اهي به هڪ خط لکي ويٺا آهن. هن چيو ته هي معاملو رڳو 6 ججن جو ناهي، پر هي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جو معاملو آهي، ان سان ملڪ جو عدالتي نظام جڙيل آهيخط واري معاملي جي به صحيح انڪوائري نه ٿي ۽ رپورٽ پڌري نه ڪئي وئي ته اها به ماضي وارين ڪميشنن وانگر ثابت ٿيندي، اها ملڪ جي آئين ۽ عدليه جي شڪست هوندي. آئين جي شڪست جو مطلب پاڪستان جي ناڪامي هوندو. اهو آئين تي خودڪش حملو هوندو. هن چيو ته جيڪڏهن ججن جي ڪم ۾ مداخلت پئي ٿي ته هنن انهن خلاف توهين عدالت جو نوٽيس ڇو نه جاري ڪيو؟ حامد مير موجب جسٽس منير کان وٺي جسٽس ثاقب نثار تائين سڀني ججن ۽  اسٽيبلشمينٽ جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ هو، اسٽيبلشمينٽ عدليه کي ڊڪٽيٽ ڪندي هئي ته عدليه انهن کي ڪجهه نه چوندي هئي. سپريم ڪورٽ 2012 ۾ اصغر خان ڪيس ۾ فيصلو ڏنو هو ته ڳجھا ادارا عدالتن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهن پر ان فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو. موجوده چيف جسٽس به فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ اهڙو فيصلو ڏنو هو، هاڻي ان کي توهين عدالت تحت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها پر چيف جسٽس پاڻ حڪومت کي چوي ٿو ته انڪوائري ڪميشن جوڙي وڃي. چيف جسٽس کي ڪميشن جي رپورٽ جلد پڌري ڪري ذميوارن کي سزا ڏئي، اصغر خان ۽ فيض آباد ڌرڻي ڪيس تي عمل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.