ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ خلاف داخل 7 درخواستن تي هڪ ڏينهن اڳ ٿيل گوڙ ۽ هنگامي کانپوءِ عدالت گذريل ڏينهن لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت حڪم
نامي ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ان ڳالهه تي يرغمال نٿو بڻائي سگهجي ته وڪيلن جي خواهش يا من ماني موجب درخواستن جي ٻڌڻي ڪهڙي انداز ۾ ڪئي وڃي، 7 درخواستون پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪيون وڃن ٿيون. لکت ۾ حڪم نامي ۾ عدالت چيو ته جڏهن درخواست گذارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ ابراهيم سيف الدين کي درخواستون ٻڌڻي جوڳيون هجڻ جي سوال تي دليل ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پهريان صلاح الدين احمد ۽ فيصل صديقي جي اعتراضن تي فيصلو ڪيو وڃي، بعد ۾ هو به عدالت ڇڏي هليو ويو. عدالت قرار ڏنو ته جڏهن فيصل صديقي کي گهرايو ويو ته ان به اهو ئي موقف اختيار ڪيو ۽ جڏهن سندس درخواست رد ٿي ته هو به عدالت جي ڪمري مان هليو ويو، وڪيل صلاح الدين احمد به درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته سندس اعتراض اڳ اڪلايا وڃن، اهو به عدالت مان هليو ويو. عدالت جي ڄاڻ ۾ آيو ته ٻين درخواستن جا وڪيل به موجود نه هئا ۽ غالبن اهي به عدالت ڇڏي ويا هئا، ان بنياد تي سڀ درخواستون پيروي نه ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪيون ويون. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته وڪيلن کي ٻڌڻ ۽ درخواستن جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويو پر هنن ڄاڻي واڻي ان مان فائدو نه کنيو. حڪم نامي ۾ جسٽس طارق جهانگيري جي ڌر بڻجڻ جي درخواست تي به ڳالهه ڪئي وئي، عدالت چيو ته هن اجازت سان عزت ۽ وقار سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، جڏهن ته هو ڪنهن درخواست يا لسٽڊ ايپليڪيشن تي نه ڳالهائي سگهيو ۽ بعد ۾ موقعو ڏيڻ باوجود هو به عدالت مان هليو ويو، ان لاءِ سندس درخواست به پيروي نه ٿيڻ تي خارج ڪئي وڃي ٿي. هڪ ڏينهن اڳ ٻڌڻي دوران، جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل 2 رڪني آئيني بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري جي ڌر بڻجڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. هوڏانهن ڪراچي يونيورسٽي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ايل ايل بي ڊگري رد ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل اٿارٽي جي منظوري سان سينڊيڪيٽ 31 آگسٽ 2024ع جي اجلاس ۾ قرارداد نمبر 06 تحت ۽ غير منصفاڻي ذريعا ڪميٽي جي سفارش تي طارق محمود ولد قاضي محمد اڪرم کي قصوروار قرار ڏنو ويو، نوٽيفڪيشن موجب کيس 3 سال لاءِ ڪنهن به يونيورسٽي يا ڪاليج ۾ داخلا کان روڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به امتحان ۾ ويهڻ کان به منع ڪيو ويو آهي، ڪراچي يونيورسٽي واضح ڪيو آهي ته طارق محمود 1989ع ۾ ڪڏهن به اسلاميه لا ڪاليج ڪراچي جو شاگرد نه رهيو، جنهن ڪري سندس انرولمينٽ نمبر رد ڪيو ويو آهي، سند نمبر 22857 ۽ انرولمينٽ نمبر AIIL-7124/87 سان لاڳاپيل نتيجا ۽ ڊگري واپس وٺي رد ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن وائس چانسلر جي منظوري سان جاري ڪيو ويو.