بشام ۾ چيني انجنيئرن تي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بشام ۾ دهشتگرد حملو پاڪستان دشمنن ڪيو ۽ ان جو مقصد پاڪ – چين دوستي کي متاثر ڪرڻ هو.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ داسو جو دورو ڪيو ۽ چيني انجنيئرن ۽ ورڪرن سان گفتگو ڪئي، هن بشام واقعي تي چيني انجنيئرن ۽ ورڪرن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته بشام واقعو دهشتگردن جو بزدلاڻو فعل هو ۽ اهڙن واقعن جو مقصد پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي متاثر ڪرڻ هو، مان چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سفارشن تي اسان وقت ضايع ڪرڻ بنا ڪارروائي ڪنداسين، چيني شهرين کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.