ججن جي خط وارو مامرو، تصدق جيلاني جي انڪوائري ڪميشن جي سربراهي کان معذرت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جي خط واري معاملي تي انڪوائري ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي.
جسٽس (ر) تصدق حسين جيلاني وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪئي.
اڳوڻي چيف جسٽس خط ۾ وزيراعظم، ڪابينا، چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جو شڪريو ادا ڪيو.
جسٽس (ر) تصدق جيلاني نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته کيس ڪميشن جي ٽرمز آف ريفرنس ( ٽي او آر ) تي تي خدشا هئا، ججن پنهنجي خط ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي مخاطب ڪيو هو، تنهنڪري سندس خيال ۾ ڪميشن ان حوالي سان انڪوائري لاءِ مناسب فورم نه آهي.
هن اِهو به چيو ته خط ۾ جيڪي الزام مڙهيا ويا آهن ان جو ٽرمز آف ريفرنس ۾ ذڪر ئي نه آهي، اِهو خط پيرا ميٽر 209 جي دائري ۾ اچي ئي نٿو .
ياد رهي ته وفاقي ڪابينا ٻه ڏينهن اڳ جسٽس ( ر ) تصدق حسين جيلاني کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط واري معاملي تي انڪوائري ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
جسٽس ( ر) تصدق حسين جيلاني تي ٻڌل هڪ رڪني ڪميشن کي ججن جي خط واري معاملي جي جاچ ڪرڻي هئي.
انڪوائري ڪميشن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي الزامن جي انڪوائري ڪري 60 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.