ڪي پي جي وڏي وزير جي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي آهي.
ذريعن موجب، علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان جيل ڪانفرنس روم ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پارٽي جي معاملن ۽ صوبي جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪئي وئي.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ ڪجهه ڏينهن ڪڍيل ريلي ۽ ملڪي صورتحال سميت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي به گفتگو ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.