ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. متحده ميمبر قرة العين پاران جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا واقعا وڌي ويا آهن، جن ۾ معصوم شهرين کي قتل ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ واقعن سڄي شهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي،رمضان دوران 10 کان وڌيڪ شهري ڦورن هٿان قتل ٿي چڪا آهن.