ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي:صوبائي گهرو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي وزيرن سعيد غني ۽ ضياءُ الحسن لنجار  ڪالهه آچر ڏينهن بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته جڏهن ججن تي دٻاءُ اچي ٿو ته هو برداشت ڪن،  اسان جا مخالف آصفه ڀٽو زرداري جي ڪاميابي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته نواب شاهه جي سيٽ هميشه پاڪستان پيپلز پارٽي جي ئي رهي آهي. جيڪو شخص ڌانڌلي ڪري رهيو آهي اهو آزاد اميدوار هو ۽ تحريڪ انصاف کيس پنهنجو اميدوار سڏي سياست ڪرڻ چاهي ٿي .ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، ميمبر سنڌ اسيمبلي سريندر ولاسائي، جاويد ناياب لغازي ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. سعيد غني چيو ته آصفه ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته هوءَ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جي ميمبر چونڊجي وئي. اسان جا مخالف آصفه ڀٽو زرداري جي فتح کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. گذريل 3 چونڊن ۾ هن تڪ تان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ گذريل 2024ع جي چونڊن ۾ آصف علي زرداري هڪ لک کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. هن چيو ته آصفه ڀٽو زرداري خلاف يارنهن اميدوار هئا. هن چيو ته آزاد اميدوار جنهن جي نالي تي اهو سمورو ڍانچو ٺاهيو پيو وڃي، حيسڪو جا 4 لک 10 هزار بل ادا نه ڪرڻ سبب سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا، جنهن بعد ٽربيونل کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني. سعيد غني چيو ته هڪ طرف هو بي بنياد ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن پاڻ کي غائب ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن بل ادا ڪرڻ لاءِ اڪائونٽ ئي نه آهن. هاڻي ڪو کيس ٻڌائي ته بل جي ادائيگي لاءِ پئسن جي ضرورت آهي نه اڪائونٽ جنهن ۾ آن لائن به ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته مخالف اميدوار کي خبر آهي ته کيس اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ڏسڻي آهي. صوبائي وزيرچيو ته پي ٽي آءِ جي اها پاليسي رهي آهي ته هر ڳالهه کي تڪراري بڻايو وڃي. اهڙي تڪ تي اهڙي ڪارروائي ڇو ڪنداسين جتي اسان جي فتح يقيني آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ صوبي ۾ اليڪشن دوران چوندا رهياسين ته فارم 45 آندو وڃي پر ڪو نه آيو. هتي به مخالفن کي شڪست جي خبر هئي، ان ڪري هو اليڪشن کان ڀڄي ويا. شير محمد رند جا ڪاغذ رد ڪيا ويا، هو ٽربيونل ۾ نه ويو. غلام مصطفيٰ رند کي موقعو ڏنو ويو. ان موقعي تي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته جيڪي اميدوار حصو وٺي رهيا هئا انهن جو اتي ڪو به سياسي اثر رسوخ ناهي. سياسي ماڻهو پاڻ ۾ ويهي ڳالهائيندا آهن ۽ هن  پراڻو الزام هنيو ويو ته مون کي اغوا ڪيو ويو. نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ ۽ اغوا جي الزام ۾ ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته آصفه ڀٽو زرداري جي سياسي راند شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ سياست ڪرڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي. ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪچي واري علائقي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ اغوا جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. ڪچي واري علائقي ۾ ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو آهي، موٽر وي بند نه ڪئي پئي وڃي،ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو آهي پر ان کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي،ميڊيا ۾ به اهو معاملو گرم آهي پر اهو زندگي جو ڪاروبار آهي، ڪاروبار هلندو آهي ته ڪرائم به ٿيندا آهن، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا واقعا ختم ڪنداسين هن چيو ته نئون آءِ جي سنڌ باضابطا طور ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هاڻي ڪو به لاش بورين ۾ نه پيو ملي. تنهن هوندي به اسٽريٽ ڪرائم آهي جنهن کي جلد کان جلد ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ضياءَ لنجار چيو ته اسان مختلف ضلعن ۾ ايس ايس پيز جون بدليون ڪيون آهن. پوليس ڪامياب ڪارروايون ڪري صورتحال کي وڏي حد تائين سنڀالي ورتو آهي. هن چيو ته مون استاد جي قتل تي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن، ڦرلٽ ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مان سنڌ جي عوام کي چوان ٿو ته جلد امن امان قائم ڪيو ويندو. هن وقت ڌاڙيلن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ ضياءَ الحسن لنجار چيو ته جتي ڏوهه ٿين ٿا اتي پوليس کي جواب ڏيڻو پوندو. پريا ڪماري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پريا ڪماري جو ڪيس پراڻو ڪيس آهي. پريا ڪماري ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وڏي وزير ۽ سندس وچ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪرار بابت سوال جي جواب ۾ ضياءَ لنجار چيو ته سنڌ جو وڏو وزير اسان جو باس آهي ۽ کيس مڪمل سهڪار حاصل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته سنڌ جي گورنر کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، هن وقت ڪيترائي سنڌ جي گورنر جو ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو سندس ناهي. گهرو وزير سنڌ جي صورتحال تي ڪم ڪري رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ججن کي هميشه اوزار طور استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ڀٽو شهيد کي ڦاسي ڏني وئي. ججن کي لچڪدار هئڻ گهرجي جڏهن دٻاءُ اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اسان کي پراسيڪيوشن ۾ ڪجهه تبديلي جي ضرورت آهي، ان حوالي سان جلد چيف جسٽس سان ملاقات ڪندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ هڪ کان ڏيڍ مهيني اندر سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تبديل ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خالد مقبول صديقي سينيئر سياستدان آهي، کيس خبر ناهي ته موجوده سي سي پي او ڪراچي ساڳئي شهر ڪراچي جو پٽ آهي. مخدوم خاندان پيپلزپارٽي جي قيام کان وٺي اڄ تائين گڏ آهي ۽ هميشه گڏ رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.