چيف جسٽس جو ججن جي خط واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس، لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط واري معاملي تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو .
ججن جي خط واري معاملي تي پرنسپل سيٽ اسلام آباد تي موجود سمورن ججن تي ٻڌل بئنچ جوڙي وئي آهي، ست رڪني بئنچ جي سربراهي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪندو.
بئنچ ۾ شامل ٻين ججن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل آهن.
سپريم ڪورٽ اربع جي ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط واري معاملي تي ٻڌڻي ڪندي.
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ عدالتي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ جو معاملو اُٿاريو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.