توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪندي کين ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي توشاخانا ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل علي ظفر دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اڄ اپيل ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر آهي؟ اپيل شروع نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته سزا معطلي تي دليل ڏيو.
ان تي علي ظفر چيو ته هو سزا معطلي بدران مک اپيل تي دليل ڏيندا.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توشا خانا ڪيس ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر نٿا ڪري سگهون، سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ ايَ جا دليل شروع ٿيڻا آهن، هو توشا خانا ڪيس کي عيد کانپوءِ ٻڌندا.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فيصلي جو جائزو ورتو آهي، هي سزا معطلي جو ڪيس آهي، جنهن تي عدالت چيو ته هي ته نيب جو ساراهڻ جوڳو موقف آهي.
دليلن بعد عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي توشاخانا ڪيس ۾ سزا معطل ڪندي ٻنهي کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سزا جي خلاف اپيل عيد کانپوءِ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪئي ويندي.
ياد رهي ته5 سيپٽمبر 2022ع تي پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف توشا خانا ريفرنس داخل ڪيو ويو هو ۽ عدالت 31 جنوري 2024ع تي عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي 14-14 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.