ڪراچي: منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي جنم ٽيپ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مقامي عدالت منشيات جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج ملير جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته پوليس جوابدار کي 2023ع ۾ ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو، تلاشي دوران جوابدار وٽان چاليهه ڪلو چرس هٿ آيو هو.
پراسيڪيوشن موجب، چرس رڪشي جي سيٽ جي هيٺان لڪايو ويو هو ۽ جوابدار خلاف ابراهيم حيدري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.
عدالت پراسيڪيوشن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائيندي ڏهن لکن جو ڏنڊ به مڙهي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.