ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي،برهان چانڊيو جي شاهد کان آڏي پڇا

دادو(رپورٽ: غوث جھتيال) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، فريادي ڌر م رباب چانڊيو ۽ پرويز چانڊيو سخت سيڪيورٽي ھيٺ عدالت پھتا، ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ايم پي اي ڀائر سردار خان چانڊيو ، برھان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو ٻڌايو ته برھان خان چانڊيو جي شاھد کان آڏي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جيڪي ڪوڙا ثابت ٿيا، شاھد ڪو بـ ثبوت پيش نـ ڪري سگھيو آھي، حق ٿيندو عدالتن مان انصاف جي اميد آھي ھاڻي ھي ڊگھي تاريخ وٺي رھيا آھن تـ جيئن ٻئي شاھد کي تياري ڪرائن، سردار چانڊيو جو چوڻ هو ته فريادي ڌر وارا ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، شاھدن باوجود تاريخ فريادين ورتي آھي، عدالتون انصاف ڪنديون پر اميد آھيون ، جڏهن ته ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.