لاهور (م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جي هارين ۽ ڪڻڪ تي تڪليف جو اظهار ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي طلب پوري ڪئي وڃي، ٻوڏ سنڌ ۾ به آئي، اتي متاثرن کي ڪهڙو رليف ڏنو پيو وڃي، اها ڳالهه به قوم کي ٻڌايو وڃي، نجي ٽي وي موجب سنڌ جي صوبائي وزير جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جو استعمال سنڌ کان اڍائي ڀيرا وڌيڪ آهي. پنجاب وٽ 6.63 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ اضافي آهي، جڏهن ته سنڌ کي 3.19 ملين ٽن ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، پنجاب ۾ ڪڻڪ ضرورت کان وڌيڪ پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ته سنڌ کي سخت کوٽ آهي، پيپلزپارٽي وارا ڪالهه تائين ٻوڏ تي سياست ڪري رهيا هئا، پر جيڪڏهن هاڻ سياست ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي، عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏنو پيو وڃي، ته پوءِ سنڌ حڪومت کي ڇو تڪليف آهي؟ اسان کي اپيلن تي اعتراض ناهي، ڏينهن رات وفاق کي مشورا ڏيو.